ڀلائي بابت مصنوعي ذهانت جي موضوع تي عالمي سربراهي ڪانفرنس جنيوا ۾  جاري

جنيوا-10 جولاءِ (اي پي پي) عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ۽ گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ادارن جي شراڪتداري سان 8 کان 11 جولاءِ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي سرابراهي ڪانفرنس ” ڀلائي بابت مصنوعي ذهانت” سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سربراهي ڪانفرنس دوران خصوصي دعوت تي چائنا ميڊيا گروپ جو اسپيشل پروگرام ” اي آءِ پلس ۾ ڪاميابي“ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي انٽرويوز، …

جنيوا-10 جولاءِ (اي پي پي) عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن يونين ۽ گڏيل قومن جي ڪيترن ئي ادارن جي شراڪتداري سان 8 کان 11 جولاءِ تائين منعقد ٿيندڙ عالمي سرابراهي ڪانفرنس ” ڀلائي بابت مصنوعي ذهانت” سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سربراهي ڪانفرنس دوران خصوصي دعوت تي چائنا ميڊيا گروپ جو اسپيشل پروگرام ” اي آءِ پلس ۾ ڪاميابي“ پيش ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي انٽرويوز، آن سائٽ رپورٽس ۽ مختلف سرگرمين ذريعي مصنوعي ذهانت جي جديد ۽ ترقي جي تازين ڪاميابين کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. عالمي ٽيلي ڪميونيڪشن  يونين جي ٽيلي ڪام اسٽينڊرڊائزيشن بيورو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ريسرچ گروپ ۽ پاليسي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه بلال جاموسي چائنا ميڊيا گروپ کي انٽر ويو ڏيندي چيو ته مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ چين دنيا جي پهرين نمبر تي آهي. هن چيو ته ان جو واضع ثبوت ان عالمي سربراهي ڪانفرنس ۽ سڄي دنيا ۾ پيش ڪيل مختلف جديد حل آهن، جن ۾ روبوٽس جي شعبي ۾ ايمبوڊيڊانٽيليجنس، ذهين خودڪار نظام، چيٽ بوٽس، وڏا لينگويج ماڊلز ۽ طبي سهولتون، تعليم ۽ زراعت سميت ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ مصنوعي ذهانت جو وسيع استعمال شامل آهي.