يوڪرين بحران جون ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪن، جنگ بندي ۽ ويڙهه جي خاتمي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪن: چين

 گڏيل قومون-10 جولاءِ (اي پي پي) چين يوڪرين بحران سان لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور قدم کڻن ۽ جلد جنگ بندي ۽ ويڙهه جي خاتمي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي يوڪرين بابت سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب  ڪندي چئي . …

 گڏيل قومون-10 جولاءِ (اي پي پي) چين يوڪرين بحران سان لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو آهي ته اهي تحمل ۽ بردباري جو مظاهرو ڪن، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور قدم کڻن ۽ جلد جنگ بندي ۽ ويڙهه جي خاتمي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گذريل ڏينهن گڏيل قومن ۾ چين جي نائب مستقل نمائندي يوڪرين بابت سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب  ڪندي چئي . هن چيو ته يوڪرين جي موجوده صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، ڌرين طرفان هر ڀيري ڪيل فوجي حملن جي شدت، ڳاڻيٽو ۽ دائريڪار ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌي ويو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي رهيا آهن ۽ زخمي ٿيا آهن جڏهن ته بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو آهي. هن چيو ته چين بي گناهه شهرين کي نشانو بڻائيندڙ هر حملي جي مذمت ڪري ٿو ۽ لاڳاپيل ڌرين کان مطالبو ڪري ٿو ته شهرين ۽ شهري بنيادي ٺڪاڻن تي حملا فوري طورتي بند ڪيا وڃن. چين جي نمائندي چيو ته يوڪرين جي مسئلي تي چين هميشه غير جانبدار ۽ منصفاڻو موقف اختيار ڪيو آهي، چين ان بحران جي سياسي حل لاءِ پرعزم آهي. سمورين ڌرين سان مسلسل رابطي ۾ آهيون ۽ پنهنجي انداز ۾ امن ڳالهين کي هٿي ڏيڻ جون ڪوششون جاري رکيون آهن . هن چيو ته چين عالمي برادري سان گڏجي ڪري بحران جي جلد حل لاءِ اڳتي به تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو.