سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان عالمي بئنڪ جي هڪ وفد جي ملاقات

ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان عالمي بئنڪ جي هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران عالمي بئنڪ جي سهڪار سان جاري ٽرانسپورٽ رٿائن، عوامي آمدورفت جي نظام جي بهتري، سيڙپڪاري جي موقعن، مستقبل جي بنيادي ڍانچي (انفراسٽرڪچر) جي منصوبن ۽ شهري ترقي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي ڪراچي ۾ جاري …

ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان عالمي بئنڪ جي هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن دوران عالمي بئنڪ جي سهڪار سان جاري ٽرانسپورٽ رٿائن، عوامي آمدورفت جي نظام جي بهتري، سيڙپڪاري جي موقعن، مستقبل جي بنيادي ڍانچي (انفراسٽرڪچر) جي منصوبن ۽ شهري ترقي سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا. ان موقعي تي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي ڪراچي ۾ جاري ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي جي اڳڀرائي بابت تفصيلي آگاهي ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت هن منصوبي کي مقرر ڪيل معيار ۽ رفتار موجب مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.ملاقات ۾ سيرڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻيا پڻ موجود ھُئا.عالمي بئنڪ جي وفد سنڌ حڪومت طرفان عوامي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ متعارف ڪرايل سڌارن ۽ جديد منصوبن کي ساراهيندي، اي وي بس سروس ۽ عورتن لاءِ شروع ڪيل پنڪ اي وي اسڪوٽي اسڪيم کي واکاڻ جوڳو قرار ڏنو. وفد جو چوڻ هو ته اهڙا منصوبا نه رڳو شهرين کي بهترين سفري سهولتون فراهم ڪندا، پر ماحولياتي تحفظ ۽ جٽادار ترقي جي مقصدن جي حاصلات ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪندا. وفد منصوبن ۾ شفافيت، اثرائتي عملداري، ڇنڊڇاڻ، نگراني ۽ خطري جي تدارڪ واري نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي اها به تجويز پيش ڪئي ته نجي شعبي ۽ سيڙپڪارن جي وڌ کان وڌ شموليت سان انهن منصوبن جي جٽاداري ۽ دائري کي وڌيڪ وسيع بڻائي سگهجي ٿو.ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏن ترقياتي منصوبن جي ڪاميابي لاءِ لاڳاپيل سمورن ادارن وچ ۾ مضبوط رابطي ۽ هم آهنگي لازمي آهي، ۽ اسان کي سڀني ڀائيوارن کي هڪ ئي پليٽ فارم تي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيئن ترقياتي منصوبن جا فائدا بروقت عوام تائين پهچي سگهن. هن عالمي بئنڪ جي وفد کي سنڌ حڪومت جي خصوصي (ايڪسڪليوسو) بس روٽس واري منصوبي بابت پڻ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت خصوصي (ايڪسڪليوسو) بس روٽس متعارف ڪرائي رهي آهي، جن وسيلي نجي سيڙپڪارن کي وسيع پيماني تي سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جلد واپارين، سيڙپڪارن ۽ عالمي بئنڪ جي نمائندن تي مشتمل هڪ ورڪشاپ منعقد ڪندي، جنهن ۾ هن منصوبي جي مختلف پاسن تي تفصيلي صلاح مشورا ڪيا ويندا. شرجيل انعام ميمڻ عالمي بئنڪ کي خصوصي (ايڪسڪليوسو) بس روٽس منصوبي ۾ سيڙپڪاري ۽ فني سهڪار تي پڻ غور ڪرڻ جي دعوت ڏني.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عالمي بئنڪ سان پنهنجي ڊگهي مدي واري سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جي خواهشمند آهي ۽ مستقبل جي ٽرانسپورٽ، بنيادي ڍانچي ۽ شهري ترقي جي منصوبن ۾ پڻ عالمي بئنڪ جي سهڪار ۽ ڀائيواري جي اميد رکي ٿي. هن چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ معياري عوامي ٽرانسپورٽ جي ضرورت ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت جلد وڌيڪ 500 ماحول دوست برقي (اي وي) بسون متعارف ڪرائڻ واري آهي. سندس چوڻ هو ته ماحول دوست اي وي بسن جي استعمال سان فضائي آلودگي ۾ نمايان گهٽتائي ايندي ۽ گرين ٽرانسپورٽ کي هٿي ملندي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته سنڌ ملڪ جو پهريون صوبو آهي، جنهن اي وي بس سروس متعارف ڪرائي ۽ ڪاربن ڪريڊٽس حاصل ڪندڙ پڻ پهريون صوبو بڻيو، جيڪو ماحولياتي تحفظ بابت سنڌ حڪومت جي اثرائتن قدمن جو چٽو ثبوت آهي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کان سکر تائين هاءِ اسپيڊ ٽرين هلائڻ جي خواهشمند آهي، جيڪا صوبي ۾ سفري سهولتن، واپاري سرگرمين ۽ معاشي ترقي لاءِ هڪ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته عالمي بئنڪ جهڙا عالمي مالياتي ادارا ۽ نجي سيڙپڪار هن ميگا منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ماڙي پور کان ناردرن باءِ پاس تائين جديد فريٽ ٽرين هلائڻ جو پڻ منصوبو رکي ٿي، جيڪا ڪراچي پورٽ تان مال برداري واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو، تيز رفتار ۽ گهٽ خرچ وارو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. سندس موجب اهڙا منصوبا نه رڳو شهر ۾ ٽريفڪ جي دٻاءَ کي گهٽائيندا، پر ملڪي واپار، صنعتي سرگرمين ۽ مجموعي معاشي ترقي کي پڻ نئين رفتار عطا ڪندا.