لاڙڪاڻو پوليس جون 2 الڳ الڳ ڪارروايون، 03 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو-09 جولاءِ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس منشيات جي روڪٿام لاءِ 2 الڳ الڳ ڪارروايون ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن وٽان 2 ڪلو 100 گرام چرس هٿ ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري  موجب، پهرين ڪارروائي  الله آباد ٿاڻي جي حدن ۾ ريلوي ٽريڪ واري علائقي وٽ ڪئي وئي جتي حسنين جتوئي نالي منشيات فروش کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ ڪلو 80 گرام …

لاڙڪاڻو-09 جولاءِ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس منشيات جي روڪٿام لاءِ 2 الڳ الڳ ڪارروايون ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جن وٽان 2 ڪلو 100 گرام چرس هٿ ڪيو ويو آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري  موجب، پهرين ڪارروائي  الله آباد ٿاڻي جي حدن ۾ ريلوي ٽريڪ واري علائقي وٽ ڪئي وئي جتي حسنين جتوئي نالي منشيات فروش کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ھڪ ڪلو 80 گرام چرس هٿ ڪيو ويو . ٻي ڪارروائي سيهڙ ٿاڻي جي حدن ۾ ڪئي وئي جتي پوليس سڪندر  نالي منشيات فروش کي ھڪ ڪلو 20 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو، ان ڪارروائي دوران هڪ گھربل جوابدار سجاد گاڏهي کي به گرفتار ڪيو ويو.ايس ايس پي چيو ته ٽئي گرفتار جوابدار سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي. ان کان علاوه انهن کان خريدارن، لوڪل ڊيلرن ۽ سپلائرن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي۽ وڌيڪ قانوني ڪاروايون ڪيون پيون وڃن.