ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي گريڊ 19 جي آفيسرن جون وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميرپورخاص جي ريجنل ڊائريڪٽر نثار احمد پٺاڻ کي بدلي ڪري ٽنڊو محمد خان جو ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر …
سنڌ حڪومت پاران پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي گريڊ 19 جي آفيسرن جون وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون
ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي گريڊ 19 جي آفيسرن جون وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ميرپورخاص جي ريجنل ڊائريڪٽر نثار احمد پٺاڻ کي بدلي ڪري ٽنڊو محمد خان جو ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر دوست علي شاهه کي ميرپورخاص جو ريجنل ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي.ساڳئي ريت ڪراچي ويسٽ جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر خالد معراج کي مٽياري جو ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مٽياري جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر اصغر علي آرائين کي سانگهڙ ۾ خالي پيل عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي.نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ پاپوليشن ويلفيئر آفيسر بخت علي سيال کي پنهنجي موجوده ذميوارين سان گڏ ريجنل ڊائريڪٽوريٽ آف پاپوليشن ويلفيئر حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر جي اضافي چارج پڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته شهاب الدين ميمڻ کان اها اضافي چارج واپس ورتي وئي آهي.










