ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي ۾ ملائيشيا جي قونصل جنرل هرمن هارڊيناتا احمد پاڪستان ۾ پنهنجي ٽن سالن واري سفارتي ذميوارين جي پڄاڻي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قونصل جنرل هرمن هارڊيناتا احمد اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ پنهنجي سفارتي ذميوارين جي پڄاڻي کان پوءِ هو ايندڙ ٽن سالن لاءِ ملائيشيا جي …
ڪراچي ۾ ملائيشيا جي قونصل جنرل پاران اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ الوداعي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) ڪراچي ۾ ملائيشيا جي قونصل جنرل هرمن هارڊيناتا احمد پاڪستان ۾ پنهنجي ٽن سالن واري سفارتي ذميوارين جي پڄاڻي تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه سان سندس آفيس ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قونصل جنرل هرمن هارڊيناتا احمد اسپيڪر سنڌ اسيمبلي کي آگاهه ڪيو ته ڪراچي ۾ پنهنجي سفارتي ذميوارين جي پڄاڻي کان پوءِ هو ايندڙ ٽن سالن لاءِ ملائيشيا جي انتظامي معاملن واري وفاقي گادي واري شهر پتراجايا ۾ پنهنجون نيون ذميواريون سنڀاليندو. ملاقات دوران پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن، سفارتي سهڪار، اقتصادي ترقي، علائقائي امن، عوامي رابطن ۽ گڏيل دلچسپي وارن ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ملائيشيا جي پنهنجي مختلف دورن جو ذڪر ڪندي اتي جي مختلف شهرن بابت پنهنجا خوشگوار تاثر ونڊيا. قونصل جنرل پتراجايا جي ترقي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتير محمد جي دور ۾ مضبوط پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت هن جديد شهر کي ترقي ڏني وئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ شهري ترقي، بنيادي ڍانچي جي منصوبابندي، عوامي خدمتن جي فراهمي، شهري سهولتن ۽ پاڪستان توڙي ملائيشيا ۾ پاڻي سميت ٻين عوامي خدمتن جي نظام بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قونصل جنرل ٻڌايو ته سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول ۽ مقابلي واري پيداواري لاڳت سبب ملائيشيا عالمي پيداواري ڪمپنين لاءِ اهم مرڪز بڻجي چڪو آهي. هن ملائيشيا ۾ جاري وڏي ڊيٽا سينٽر جي سيڙپڪاري منصوبي بابت پڻ اسپيڪر کي آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ملائيشيا جي علائقائي سرحدن، سفارتي مقررين ۽ دوست توڙي پاڙيسري ملڪن ۾ سفارتڪارن جي ڪردار بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قونصل جنرل هرمن هارڊيناتا احمد علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان جي ٽياڪڙي ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ وارو ڪردار ساراهه جوڳو رهيو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه چيو ته پاڪستان هميشه امن پسند ملڪ رهيو آهي ۽ ملڪ جي سياسي توڙي عسڪري قيادت پنهنجي عملي قدمن سان ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان امن جو داعي ۽ سفير آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مثبت سفارتي ڪوششن وسيع تڪرار کي روڪڻ ۽ خطي سميت عالمي استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٻنهي شخصيتن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جنگ ۽ بدامني عالمي امن ۽ اقتصادي استحڪام جي مفاد ۾ نه آهن، جڏهن ته آبنائي هرمز جو عالمي واپار ۽ معيشت لاءِ هر حال ۾ کليل رهڻ ضروري آهي. قونصل جنرل هرمن هارڊيناتا احمد چيو ته ڪراچي ۾ پنهنجي مقرري دوران سهڪار، رهنمائي ۽ سهولت فراهم ڪرڻ تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو ٿورائتو آهيان. اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه پڻ قونصل جنرل جي خدمتن کي ساراهيندي خاص طور تي ڪامن ويلٿ پارليامينٽري ايسوسيئيشن ڪانفرنس دوران ملائيشيا جي اسپيڪرن ۽ وفدن سان بهتر رابطن ۾ سندن تعاون کي ساراهيو. هن هرمن هارڊيناتا احمد کي ملائيشيا ۾ نين سفارتي ذميوارين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ملائيشيا جي قونصل جنرل اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه کي ملائيشيا جي روايتي ثقافتي علامت "تنجڪ” بطور يادگار پيش ڪئي. ان موقعي تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه قونصل جنرل کي سنڌ اسيمبلي جي يادگاري شيلڊ، سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي، گڏوگڏ سنڌ ۽ سنڌ اسيمبلي جي تاريخ بابت ڪتاب تحفي طور پيش ڪيا.











