سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان جي گڏيل صدارت هيٺ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري خوراڪ، سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ خوراڪ کاتي جي فيلڊ آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سنڌ …

ڪراچي-09 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه ۽ صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان جي گڏيل صدارت هيٺ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري خوراڪ، سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ خوراڪ کاتي جي فيلڊ آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته غيرقانوني طور ذخيرو ڪيل ڪڻڪ کي فوري طور ضبط ڪري سرڪاري امدادي اگهه تي خريد ڪيو ويندو. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 290 فلور ملون ۽ 1033 لائسنس يافته ڪڻڪ جا واپاري موجود آهن.صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزمان چيو ته مقرر حد کان وڌيڪ ڪڻڪ رکڻ کي ذخيره اندوزي تصور ڪيو ويندو ۽ ان خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد ڪاروباري سرگرمين کي متاثر ڪرڻ نه، پر ذخيره اندوزي ۽ مصنوعي مهانگائي جو خاتمو آڻڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته فلور مل مالڪن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ جلد الڳ اجلاس پڻ سڏايو ويندو.چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته حڪومت ڪاروباري سرگرمين ۾ رنڊڪ وجهڻ نٿي چاهي، پر ذخيره اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪنهن کي به مصنوعي کوٽ پيدا ڪري عوام جو استحصال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي خلاف فوري ۽ مؤثر حڪمت عملي جوڙي سخت ڪارروائي کي يقيني بڻايو وڃي. اي