منشيات جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن پاران گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪيمپس قمبر ۾ آگاهي تقريب

قمبر/شهدادڪوٽ-09 جولاءِ (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي حوالي سان (ايليمينٽري، سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري) قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن خميس ڏينهن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪيمپس قمبر ۾ هڪ آگاهي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن، هيڊ ماسترن، استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بشير احمد چانڊيو، عبدالرحيم مغيري ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن …

قمبر/شهدادڪوٽ-09 جولاءِ (اي پي پي) منشيات جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي حوالي سان (ايليمينٽري، سيڪنڊري اينڊ هائير سيڪنڊري) قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن خميس ڏينهن گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪيمپس قمبر ۾ هڪ آگاهي تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل آفيسرن، هيڊ ماسترن، استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بشير احمد چانڊيو، عبدالرحيم مغيري ۽ ٻين شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو ته منشيات انسان جي صحت، تعليم، ڪردار ۽ روشن مستقبل جي وڏي دشمن آهي. نوجوان ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، انهن کي منشيات جهڙي لعنت کان بچائڻ والدين، استادن ۽ سموري سماج کي ڪردار ادا ڪرڻ جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته تعليمي ادارا رڳو تعليم نه پر شعور، اخلاقي تربيت ۽ صحتمند معاشري جي تعمير جا مرڪز آهن. شاگردن کي گهرجي ته هو منشيات کان مڪمل طور پاسو ڪن، پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين ۽ مثبت سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.تقريب دوران منشيات جي نقصانن بابت آگاهي ڏني وئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن کي منشيات کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ ۽ ٻين ماڻهن ۾ به شعور پيدا ڪرڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو.آخر ۾ منشيات جي خاتمي بابت گورنمينٽ بوائيز پرائمري اسڪول کان مين روڊ تائين آگاهي ريلي ڪڍي  شرڪت ڪندڙن کي منشيات کان پاڪ زندگي گذارڻ جو پيغام ڏنو ويو.