تهران-09 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي فوج چيو آهي ته ايران خلاف اربع ۽ خميس جي وچ واري رات آمريڪي حملي کانپوءِ ايران ڪويت، قطر ۽ بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو آهي. ايراني فوج موجب ڪويت ۾ آمريڪي پيٽريات ميزائل سسٽم، قطر ۾ سيٽلائيٽ اينٽينا ارلي وارننگ سسٽم ۽ بحرين ۾ آمريڪي ٻارڻ ذخيرو ڪرڻ جي ٺڪاڻن کي مختلف قسمن جي وڏي …
آمريڪا ۽ ايران جا هڪٻئي جي هدفن تي حملا ۽ جوابي حملا ٻئي ڏينهن به جاري

مزید خبریں
تهران-09 جولاءِ (اي پي پي) ايران جي فوج چيو آهي ته ايران خلاف اربع ۽ خميس جي وچ واري رات آمريڪي حملي کانپوءِ ايران ڪويت، قطر ۽ بحرين ۾ موجود آمريڪي فوجي ٺڪاڻن کي ڊرون حملن ذريعي نشانو بڻايو آهي. ايراني فوج موجب ڪويت ۾ آمريڪي پيٽريات ميزائل سسٽم، قطر ۾ سيٽلائيٽ اينٽينا ارلي وارننگ سسٽم ۽ بحرين ۾ آمريڪي ٻارڻ ذخيرو ڪرڻ جي ٺڪاڻن کي مختلف قسمن جي وڏي انگ ۾ ڊرونز ذريعي هدف بڻايو ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني فوج جو چوڻ هو ته اهي حملي ڪجهه ئي دير پهرين ڪيا ويا ۽ اهو خطي ۾ موجود آمريڪي اڏن تي ايران جي جاري حملن جو تسلسل آهي. اهو بيان ايران جي ڪيترن ئي ذريعن خاص ڪري سرڪاري نشرياتي اداري طرفان جاري ڪيو ويو آهي. ٻي طرف آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمان (سينٽ ڪام) اعلان ڪيو آهي ته 8 جولاءِ تي ايران خلاف ڪارروائيءَ ۾ تقريبن 90 فوجي هدفن کي نشانو بڻايو آهي. سوشل ميڊيا ويب سائٽ ايڪس تي جاري بيان ۾ سينٽ ڪام چيو ته ايران ۾ فضائي دفاع جي نظام، سامونڊي نگراني جي وسيلن، ميزائلن ۽ ڊرونز جي ذخيره گاهن، سامونڊي صلاحيتن ۽ ايران جي سامونڊي علائقن ۾ واقع فوجي لاجسٽڪس جي بنيادي ڍانچي تي حملا ڪيا ويا. سينٽ ڪام موجب گذريل ڏينهن پڻ پاسدارن انقلاب جي 60 ننڍين ٻيڙين سميت ايران ۾ 80 فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو هو. ان ڪارروائيءَ کي سينٽ ڪام آبناءِ هرمز تان گذرندڙ واپاري جهازن تي ايران جي تازن حملن جو جواب قرار ڏنو هو. سينٽ ڪام چيو آهي ته آمريڪي فوجي بدستور چؤڪس آهن ۽ پنهنجي ڪمانڊر اِن چيف طرفان ڏنل هدايتن تي عملدرآمد لاءِ تيار آهن. آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمان موجب انهن ڪاررواين جو مقصد آبناءِ هرمز ۾ جهازراني جي آزادي کي خطري ۾ وجهڻ جي ايران جي صلاحيت کي ڪمزور ڪرڻ هو. بحرين دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي فضائي دفاعي نظام خميس جي صبح ايران طرفان فائر ڪيل ڪيترن ئي حملن کي هدفن تائين پهچڻ کان اڳ ئي فضا ۾ تباهه ڪيو ويو. ايشيائي مارڪيٽن ۾ ڪچي تيل جون قيمتون وڌي ان سطح تائين پهتيون آهن جيڪي جون جي وچ ڌاري آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن کان پهرين هيون. بيان ۾ شهرين ۽ ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کي چيو ويو آهي ته هو انهن ماڳن ڏانهن نه وڃن جتي دفاعي ڪاررواين دوران ڪِرندڙ شيلن جا ٽڪڙا پيل هجن ۽ نه ئي انهن جون تصويرون يا وڊيوز بڻائي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪن. بحرين يج گهرو وزارت سوشل ميڊيا ويب سائٽ ايڪس تي اعلان ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ميزائل ۽ ڊرون حملي جي خطرن جا سائرن وڄايا ويا آهن. پيغام ۾ شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو پُرسڪون رهن ۽ ويجهن محفوظ ماڳن طرف هليا وڃن.











