گڏيل قومون-09 جولاءِ (اي پي پي) ايران آمريڪا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر جارحاڻين ڪاروائين ۽ گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانون جي مسلسل ڀڃڪڙي جي شديد مذمت ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ دعوى ڪئي آهي ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ ايران ۾ ٺڪاڻن تي وڏي …
ايران پاران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران سلامتي ڪائونسل جي صدر کي خط، آمريڪي جارحيت جي مذمت

مزید خبریں
گڏيل قومون-09 جولاءِ (اي پي پي) ايران آمريڪا طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر جارحاڻين ڪاروائين ۽ گڏيل قومن جي چارٽر سميت عالمي قانون جي مسلسل ڀڃڪڙي جي شديد مذمت ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن ۾ ايران جي مستقل نمائندي گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي صدر کي لکيل خط ۾ دعوى ڪئي آهي ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ڏکڻ ايران ۾ ٺڪاڻن تي وڏي پيماني تي فوجي حملا ڪيا آهن . خط ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا طرفان نيون جارحاڻيون ڪارروائيون گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 2 (4 ) جي کليل ڀڃڪڙي ۽ اسلام آباد مفاهمتي معاهدي جي شق 1 جي سنگين ڀڃڪڙي آهي . هن چيو ته شهري ٺڪاڻن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو ۽ ايران خلاف طاقت جو مسلسل غير قانوني استعمال عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ اهو آمريڪا جي عالمي قانوني ذميوارين جي مڪمل توهين کي ظاهر ڪري ٿو. ايراني نمائندي چيو ته ايران ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته آمريڪا طرفان طاقت جي غير قانوني استعمال ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سمورن نتيجن ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن جي سموري ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي.










