هانگ ڪانگ-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير عبدالله السواحه چيو آهي ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت هيٺ مملڪت ، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قابل رسائي مصنوعي ذهانت سان ليس ڊجيٽل انفراسٽرڪچر مان هڪ آهي جيڪو ڊجيٽل معيشت ۾ هڪ اعتماد جوڳو شراڪتدار ۽ اوڀر ۽ اولهه وچ ۾ پل طور پنهنجي حيثيت کي مستحڪم …
سعودي عرب سڄي ايشيا ۾ ٽيڪنالاجي شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: سعودي عرب جو مواصلات وارو وزير

مزید خبریں
هانگ ڪانگ-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير عبدالله السواحه چيو آهي ته شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي قيادت هيٺ مملڪت ، دنيا جي سڀ کان وڌيڪ قابل رسائي مصنوعي ذهانت سان ليس ڊجيٽل انفراسٽرڪچر مان هڪ آهي جيڪو ڊجيٽل معيشت ۾ هڪ اعتماد جوڳو شراڪتدار ۽ اوڀر ۽ اولهه وچ ۾ پل طور پنهنجي حيثيت کي مستحڪم ڪري ٿو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گذريل ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ سعودي عرب جي فيلگ شپ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ايسٽ 2026ع لاءِ عالمي ايڊيشن جي شروعات جي موقعي تي چئي . هن چيو ته سعودي عرب سڄي ايشيا ۾ ٽيڪنالاجي شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي . هن چيو ته 5 سال اڳ رياض کان شروع ٿيندڙ ليپ جو سفر هاڻي هڪ عالمي ٽيڪنالاجي پليٽ فارم بڻجي چڪو آهي ، جنهن جا اثر نه صرف سعودي عرب پر سموري دنيا ۾ محسوس ڪيا پيا وڃن . هن چيو ته ان تحريڪ جو اوڀر طرفان منتقل ٿيڻ ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته اهو خطو مستقبل جي ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي صنعت جو هڪ اهم عالمي مرڪز بڻجي چڪو آهي . سعودي وزير چيو ته اوڀر خطي جي مجموعي معيشت جو ڳاڻيٽو 34 ٽرلين ڊالر آهي ، جيڪو عالمي مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي ) جو اٽڪل 30 سيڪڙو بڻجي ٿو جڏهن ته ڊجيٽل معيشت 10 ٽرلين ڊالرز تائين پهچي چڪي آهي . دنيا جي اٽڪل 46 سيڪڙو آبادي ان خطي سان تعلق رکي ٿي . هن چيو ته اوڀر صرف معاشي اعتبار سان ئي وڏو ناهي پر مصنوعي ذهانت جي دور جي حقيقي بنيادن تي به هلي رهيو آهي . دنيا ۾ اوڀر ايشيا مصنوعي ذهانت سان لاڳاپيل پيٽنٽس جي رجسٽريشن ۾ اڳڀرو آهي جتي دنيا جي لڳ ڀڳ بابت 82 سيڪڙو اي آءِ پيٽنٽ درخواستون اوڀر ايشيا مان داخل ڪيون ويون آهن جڏهن ته عالمي سيمي ڪنڊڪٽرز مارڪيٽ جو 60 سيڪڙو ۽ جديد چپس جي 90 سيڪڙو تياري ( مينيو فيڪچرنگ ) به هن خطي ۾ ٿيندي آهي ، جنهن سبب عالمي سطح تي ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت جو مرڪز بڻجي چڪو آهي . هن سعودي عرب جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته گذريل 8 سالن ۾ مملڪت جي ڊجيٽل معيشت ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي . هن چيو ته سعودي عورتن کي بااختيار بڻائڻ عالمي سطح تي مملڪت جون نمايان ڪاميابيون شامل آهن . مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ شرڪت ۽ بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان سعودي عورتون عالمي سطح تي نمايان حيثيت رکن ٿيون. هن ٻڌايو ته سعودي عرب 2034ع تائين ڊيٽا سينٽرز جي مجموعي صلاحيت 6.9 گيگا واٽ تائين وڌائڻ جو منصوبو رکي ٿو ، جنهن ۾ 2030 ع تائين 3 ميگا واٽ جو هدف حاصل ڪيو ويندو . هن وقت مملڪت وٽ 12.8 گيگا واٽ بجلي موجود آهي جنهن جي عيوض سعودي عرب مصنوعي ذهانت ۽ هاءِ پرفارمنس ڪمپيوٽنگ منصوبن لاءِ توانائي جي فراهمي ۾ دنيا جي تيز ترين ملڪن ۾ شامل آهي.










