رياض- 09 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب ۽ سلطنت عمان جي پرڏيهي وزيرن جي مسقط ۾ ملاقات ٿي.پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ امير فيصل بن فرحان ۽ سندس عمان جي هم منصب بدر البو سعيدي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ ان کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ته جئين گڏيل مفادن کي مدد ملي ۽ سعودي عرب ۽ عمان وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري مضبوط ٿئي. ان وقت …
سعودي عرب ۽ عمان جي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات، آبنائي هرمز جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض- 09 جولاءِ(اي پي پي) سعودي عرب ۽ سلطنت عمان جي پرڏيهي وزيرن جي مسقط ۾ ملاقات ٿي.پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات ۾ امير فيصل بن فرحان ۽ سندس عمان جي هم منصب بدر البو سعيدي مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ ان کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ته جئين گڏيل مفادن کي مدد ملي ۽ سعودي عرب ۽ عمان وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري مضبوط ٿئي. ان وقت ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي صورتحال جي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي آبنائي هرمز بابت اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سعودي عرب عمان جي آبي گذرگاهن جي سيڪيورٽي کي برقرار رکڻ ان ۾ جهاز راني جي آزادي کي يقيني بنائڻ ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۽ پرامن طريقن سان تڪرارن کي حل ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. سعودي عرب ۽ عمان وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ گڏيل اسٽريٽجڪ منصوبن تي به غور ڪيو ويو. انهن منصوبن ۾ پهرين لسٽ زميني گذرگاهن جو منصوبو آهي. ان کانسواءِ اچ وڃ جي نيٽ ورڪس ۽ لاجسٽڪ رابطن جي شعبن ۾ تعاون جو جائزو ورتو ويو ته جيئن ٻه طرفن رابطن کي مضبوط ڪري سگهجي ۽ علائقائي يڪجهتي کي مدد ملي سگهجي.










