منيلا-09 جولاءِ (اي پي پي) فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا جي نينوئي اڪينو انٽر نيشنل ايئر پورٽ جي رن وي تي حرڪت دوران سعودي ايئر لائنز جي جهاز ۽ فلپائين ايئر لائنز جي ٻئي جهاز وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. لاڳاپيل اختيارين ان حوالي سان پنهنجي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آهي. سعودي گروپ جي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن جي ڊائريڪٽر …
فلپائن ايئر پورٽ تي سعودي عرب جو جهاز هڪ ٻئي جهاز سان ٽڪرائجي ويو، مسافرن کي حفاظت سان ڪڍيو ويو

مزید خبریں
منيلا-09 جولاءِ (اي پي پي) فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا جي نينوئي اڪينو انٽر نيشنل ايئر پورٽ جي رن وي تي حرڪت دوران سعودي ايئر لائنز جي جهاز ۽ فلپائين ايئر لائنز جي ٻئي جهاز وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو. پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو. لاڳاپيل اختيارين ان حوالي سان پنهنجي ڪاروائي شروع ڪري ڏني آهي. سعودي گروپ جي ڪارپوريٽ ڪميونيڪيشن جي ڊائريڪٽر جنرل انجنيئر ٻڌايو ته سعودي ايئر لائنز جو جهاز فلپائن جي گادي واري هنڌ منيلا جي نينوئي اڪينو عالمي هوائي اڏي تي ٽيڪسي وي تي حرڪت دوران ان وقت معمولي ڌڪ جو شڪار ٿيو جنهن سبب ان جي هڪ پر جو ڪنارو ٻئي جهاز سان ٽڪرايو. سمورن مهمانن ۽ عملي کي حفاظت سان ڪڍيو ويو آهي. ٻئي پاسي فلپائن ايئر لائنز ان واقعي جي حوالي سان هڪ بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ ڪنهن جي زخمي نه ٿيڻ جو ٻڌايو ويو آهي ۽ چيو ويو ته ان جي جهاز کي فني معائني لاءِ سروس مان هٽايو ويو آهي.










