اٽلي پاران سياحتي هنڌن تي سخت قانون لاڳو، عوامي هنڌن تي شرٽ کانسواءِ يا سوئمنگ ڊريس ۾ گهمندڙ ماڻهن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو

روم- 09 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جي مشهور ڍنڊ ڪومو جي ڪناري واقع سياحتي ڳوٺ وارينا جي انتظاميه سياحتي هنڌن تي سخت قانون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت عوامي هنڌن تي شرٽ کانسواءِ يا سوئمنگ ڊريس ۾ گهمندڙ ماڻهن تي 50 کان 200 يورو تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي انتظاميه گذريل  ڏينهن اها پابندي صرف سامونڊي ڪناري، ڍنڍ ڪناري يا ٻيڙي جي سير تائين محدود …

روم- 09 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جي مشهور ڍنڊ ڪومو جي ڪناري واقع سياحتي ڳوٺ وارينا جي انتظاميه سياحتي هنڌن تي سخت قانون لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت عوامي هنڌن تي شرٽ کانسواءِ يا سوئمنگ ڊريس ۾ گهمندڙ ماڻهن تي 50 کان 200 يورو تائين ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق مقامي انتظاميه گذريل  ڏينهن اها پابندي صرف سامونڊي ڪناري، ڍنڍ ڪناري يا ٻيڙي جي سير تائين محدود لباس کي ڳوٺ جي گهٽين، بازارن، ريسٽورينٽس، گرجاگهرن ۽ عوامي هنڌن تي پائڻ کان روڪڻ لاءِ لڳائي آهي. هر سال سڄي دنيا کان لکين سياح ان خوبصورت ڳوٺ جو رخ ڪندا آهن پر مقامي آبادي جي سڪون ۽  زندگي جي معيار کي وڏي پيماني تي سياحت جي ور نٿو ڪري سگهجي. نئين قانون تحت سياحتي گروپن  جو انگ به 25 ماڻهن تائين محدود ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽوئرگائيڊز لاءِ لائوڊ اسپيڪر استعمال ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ته جيئن سوڙهين گهٽين ۽ شورواري ماحول تي ضابطو آڻي سگهجي. مقامي دڪاندارن ان قدم جي آجيان ڪندي چيو آهي ته سامونڊي ڪناري تي ماڻهو پنهنجي پسند جو لباس پائي سگهن ٿا پر بازارن، دڪانن، رسٽورنٽس ۽ مذهبي هنڌن تي مناسب لباس پائڻ ضروري آهي. ياد رهي ته اٽلي ۾ مسلسل وڌندڙ سياحت سبب ان نوعيت جا قدم پهريان به کنيا ويا آهن.