بدين- 09 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ سم نالي جي کاٽي جو ناقص ڪم ٿيڻ خلاف آبادگارن احتجاج ڪندي ٻيهر کاٽي ڪرائڻ جو مُطالبو ڪيو آهي. امير شاھ سم نالي جي ناقص کاٽي خلاف آبادگارن امام علي شاھ، انصار علي شاھ، علي احمد نھڙيو، لکاڏنو ڀٽي، سليمان نھڙيو، درياھ خان کوڙ، گلاب ڪيريو، امير حسن منڌرو، اسماعيل پنھور فتح علي ٽالپر ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته امير …
بدين ۾ سم نالي جي کاٽي جو ناقص ڪم ٿيڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج، ٻيهر کاٽي ڪرائڻ جو مُطالبو

مزید خبریں
بدين- 09 جولاءِ (اي پي پي) بدين ۾ سم نالي جي کاٽي جو ناقص ڪم ٿيڻ خلاف آبادگارن احتجاج ڪندي ٻيهر کاٽي ڪرائڻ جو مُطالبو ڪيو آهي. امير شاھ سم نالي جي ناقص کاٽي خلاف آبادگارن امام علي شاھ، انصار علي شاھ، علي احمد نھڙيو، لکاڏنو ڀٽي، سليمان نھڙيو، درياھ خان کوڙ، گلاب ڪيريو، امير حسن منڌرو، اسماعيل پنھور فتح علي ٽالپر ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته امير شاھ سم نالي جي حقيقي معنيٰ ۾ کاٽي ۽ ويڪرائي ڪرڻ بدران ناقص ڪم ڪيو ويو آهي جنھن سبب علائقي جا ماڻھون هر سال ٻوڏ ۽ پاڻي جي تباهي کي منھن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته امير شاھ سم نالي ۾ 51 ننڍيون وڏيون سمون ڇوڙ ڪن ٿيون جڏهن ته ماتلي ۽ ٽنڊو محمد خان جي نيڪال جو پاڻي پڻ هن ئي سم نالي ۾ ڇڏيو وڃي ٿو برساتن دوران گوني/ڦليلي مان ويھ هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي به هن سم نالي ذريعي نيڪال ڪيو ويندو آهي احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته برساتن دوران گوني/ڦليلي جو مٺو پاڻي گھٽ رکڻ بدران مڪمل بند ڪيو ويندو آهي جنھن سبب سم نالي ۾ پاڻي جو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو هنن چيو تہ مينھن جي موسم ۾ هن سم نالي مان لڳ ڀڳ 30 هزار ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي وهي ٿو جيڪو ٻنھي ڪنارن جي هزارين ايڪڙ زرعي زمينن فصلن ڳوٺن ۽ آبادگارن کي سخت نقصان پھچائي هر سال تباهي آڻي ٿو هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هاڻوڪي کاٽي کانپوءِ به نالي کي مقرر معيار موجب ويڪرو نه ڪيو ويو ته ايندڙ برساتن ۾ ٻيھر ساڳي تباهي ايندي ۽ هزارين آبادگار دربدر ٿي ويندا احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته امير شاھ سم نالي جي معياري نموني کاٽي ڪرائي ان کي ويڪرو ڪيو وڃي خاص طور آر ڊي 45 کان آر ڊي 60 تائين ٻيھر ڪم ڪرايو وڃي جيئن علائقي کي هر سال ايندڙ ٻوڏن ۽ کاري پاڻي سبب ٿيندڙ نقصان کان سدائين لاءِ بچي سگهجي.











