بدين - 09 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس جي ڪنسلٽنٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سليم رضا بلوچ چيو آهي ته خاموشي ٽوڙڻ هراسگي جي خاتمي ڏانهن پهريون ۽ سڀ کان اهم قدم آهي، عورتن کي ڪم ڪار وارين جاين تي تحفظ فراهم ڪرڻ واري قانون جو مقصد عورتن سان جنس جي بنياد تي ٿيندڙ امتيازي سلوڪ ۽ هراسگي جو خاتمو آڻي، کين باعزت، پرامن ۽ …
خاموشي ٽوڙڻ هراسگي جي خاتمي ڏانهن پهريون ۽ سڀ کان اهم قدم آهي: ڪنسلٽنٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سليم رضا بلوچ

مزید خبریں
بدين – 09 جولاءِ (اي پي پي) صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس جي ڪنسلٽنٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سليم رضا بلوچ چيو آهي ته خاموشي ٽوڙڻ هراسگي جي خاتمي ڏانهن پهريون ۽ سڀ کان اهم قدم آهي، عورتن کي ڪم ڪار وارين جاين تي تحفظ فراهم ڪرڻ واري قانون جو مقصد عورتن سان جنس جي بنياد تي ٿيندڙ امتيازي سلوڪ ۽ هراسگي جو خاتمو آڻي، کين باعزت، پرامن ۽ محفوظ ماحول ۾ پنهنجون پيشيوراڻيُون ذميواريون سرانجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جي اظهار هُن صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس پاران انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ بدين ڪيمپس ۾ "ڪم ڪار وارين جاين تي عورتن کي ڊيڄارڻ کان تحفظ (ايڪٽ IV آف 2010ع)” بابت هڪ جامع آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جو مقصد ميڊيڪل، نرسنگ، انتظامي ۽ معاون عملي کي قانوني تحفظ، ملازمن جي حقن ۽ اهڙي محفوظ، برابريءَ تي ٻڌل ۽ باوقار پيشاور ماحول بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو، جتي هر ملازم عزت ۽ احترام سان پنهنجون ذميواريون نڀائي سگهي. سيمينار کي خطاب ڪندي ڪنسلٽنٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج، ريجنل آفيس سليم رضا بلوچ ايڪٽ IV آف 2010ع جي قانوني ڍانچي، تعريفن ۽ اهم شقن بابت تفصيلي آگاهي ڏني. سليم رضا بلوچ چيو ته هن قانون جو بنيادي مقصد عورتن سان جنس جي بنياد تي ٿيندڙ امتيازي سلوڪ ۽ هراساني جو خاتمو آڻي، کين باعزت، پرامن ۽ محفوظ ماحول ۾ پنهنجون پيشيوراڻيُون ذميواريون سرانجام ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي، جيئن هو قومي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. سليم رضا بلوچ چيو ته "خاموشي ٽوڙڻ هراسگي جي خاتمي ڏانهن پهريون ۽ سڀ کان اهم قدم آهي.” هن اداري اندر قائم جاچ ڪميٽين ۽ صوبائي محتسب وٽ سڌي طرح شڪايت داخل ڪرائڻ جي قانوني طريقيڪار بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ ڏني. هن وڌيڪ واضح ڪيو ته قانون شڪايت ڪندڙ جي سڃاڻپ کي مڪمل رازداراڻو رکڻ سان گڏ، ان خلاف ڪنهن به قسم جي انتقامي ڪارروائي يا زيادتي کان مڪمل تحفظ فراهم ڪري ٿو. سيمينار ۾ هيڊ آف ڪيمپس ڊاڪٽر سڪندر علي ميمڻ، هيڊ آف ڊپارٽمينٽ گائنيڪالاجي اينڊ آبسٽيٽرڪس ڊاڪٽر نعيمه عرفان، ڪلينيڪل آپريشنز مئنيجر ڊاڪٽر حرمت سيف سميت مختلف شعبن جي سربراهن، سينيئر ڊاڪٽرن، نرسنگ اسٽاف ۽ انتظامي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انڊس اسپتال بدين جي انتظاميا صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل آفيس جي هن اهم آگاهي مهم کي ساراهيندي پنهنجي اداري ۾ هر قسم جي بدسلوڪي ۽ هراسگي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي مڪمل عملدرآمد جي عزم کي ورجايو. انتظاميا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسپتال سڀني ملازمن، خاص طور تي عورت صحت جي ماهرن، لاءِ محفوظ، باوقار ۽ برابريءَ تي ٻڌل ڪم جو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪوششن کي جاري رکندي.











