لاڙڪاڻو- 08 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ تعليم کاتي جي ”ڊسٽرڪٽ سروس ڊيليوري ڪميٽي“ جي ماھوار اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر- ون لاڙڪاڻو سيد غضنفر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري اسڪولز لاڙڪاڻو عبدالرشيد چانڊيو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري اسڪولز لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، چيف مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر احمد شاهه ۽ تعليم …
ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ سروس ڊيليوري ڪميٽي جي ماھوار اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس
لاڙڪاڻو- 08 جولاءِ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو جي صدارت ۾ تعليم کاتي جي ”ڊسٽرڪٽ سروس ڊيليوري ڪميٽي“ جي ماھوار اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر- ون لاڙڪاڻو سيد غضنفر علي شاهه، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري اسڪولز لاڙڪاڻو عبدالرشيد چانڊيو، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پرائمري اسڪولز لاڙڪاڻو انيس الرحمان جلباڻي، چيف مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر احمد شاهه ۽ تعليم کاتي لاڙڪاڻي جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. چيف مانيٽرنگ آفيسر لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر کي گذريل مهيني جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي اڳڀرائي، تعليم کاتي پاران ڪيل ڪاروائين ۽ ضلعي ۾ تعليم جي موجوده صورتحال بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته گذريل اجلاس جي فيصلن موجب، بنا ڪنهن سبب مسلسل غير حاضر رهندڙ تدريسي ۽ غير تدريسي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسر کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۾ بند اسڪولن جو تفصيلي ڊيٽا گڏ ڪن ۽ انهن اسڪولن کي فوري طور ٻيهر کولڻ کي يقيني بڻائين. هن وڌيڪ چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ضلعي جي سڀني ٻارن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي تعليمي سهولتون مهيا ٿين.











