ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باباءِ خدمت عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عبدالستار ايڌي پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ هو هڪ تاريخ ساز شخصيت هئا. وڏي وزير چيو ته عبدالستار ايڌي جون انسانيت لاءِ انجام ڏنل بي مثال خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. هن چيو …
عبدالستار ايڌي پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي، هو هڪ تاريخ ساز شخصيت هو: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باباءِ خدمت عبدالستار ايڌي جي ڏهين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته عبدالستار ايڌي پنهنجي سڄي زندگي انسانيت جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ هو هڪ تاريخ ساز شخصيت هئا. وڏي وزير چيو ته عبدالستار ايڌي جون انسانيت لاءِ انجام ڏنل بي مثال خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. هن چيو ته ايڌي انتهائي سادگيءَ سان زندگي گذاري ۽ پنهنجي عمل وسيلي انسانيت جي خدمت جو اهڙو مثال قائم ڪيو، جيڪو هميشه ياد رکيو ويندو. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته عبدالستار ايڌي جي سڄي زندگي اسان سڀني لاءِ مشعلِ راهه آهي ۽ هر فرد کي سماج جي بهتري، ڀلائي ۽ انسانيت جي خدمت لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.












