سنڌ حڪومت پاران صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، اي مارڪنگ، امتحاني نظام جي جديد ڪاري ۽ گورننس سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن متعارف ڪرائڻ جو فيصلو

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ سرڪار، سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، اي مارڪنگ، امتحاني نظام جي جديد ڪاري ۽ گورننس سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان تعليمي بورڊن جي عملي کي آءِ ٽي ماهرن ذريعي خاص ٽريننگ ڏني ويندي، جڏهن ته بورڊن کي اسڪينر، ڪٽنگ مشينون، سرور ۽ …

ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ سرڪار، سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت صوبي جي سمورن تعليمي بورڊن ۾ جديد ٽيڪنالاجي، اي مارڪنگ، امتحاني نظام جي جديد ڪاري ۽ گورننس سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان تعليمي بورڊن جي عملي کي آءِ ٽي ماهرن ذريعي خاص ٽريننگ ڏني ويندي، جڏهن ته بورڊن کي اسڪينر، ڪٽنگ مشينون، سرور ۽ ٻيا جديد اوزار به فراهم ڪيا ويندا. هي فيصلو يونيورسٽيز ۽ تعليمي بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو جي صدارت ۾ سيڪريٽري يونيورسٽيز جي آفيس ۾ منعقد ٿيل اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت امتحاني نظام جي جديد ڪاري، اي مارڪنگ جي لاڳو ٿيڻ، امتحاني ۽ گورننس سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ تعليمي بورڊن جي سگهه وڌائڻ بابت تفصيلي غور ڪيو ويو. محمد اسماعيل راهو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ روايتي امتحاني طريقيڪار جي بدران اي مارڪنگ جو نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن امتحاني عمل کي وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ عالمي معيار سان هم آهنگ بڻايو وڃي. هن چيو ته هن اهم منصوبي جي منظوري لاءِ تجويزون سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيون وينديون ۽ ڪابينا جي منظوري کان پوءِ منصوبي تي تيز رفتاري سان عمل ڪيو ويندو. محمد اسماعيل راهو چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان تعليمي بورڊن جي عملي جي سگهه وڌائڻ لاءِ آءِ ٽي ماهر خاص ٽريننگ فراهم ڪندا، جڏهن ته منصوبي تحت سڀني تعليمي بورڊن کي اسڪينر، ڪٽنگ مشينون، سرور ۽ ٻيا جديد اوزار به ڏنا ويندا. ترجمان موجب چيئرمين انٽر بورڊ ڪراچي فقير محمد لاکو کي امتحاني نظام جي جديد ڪاري جي منصوبي جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان شروع ڪيل سڌارن وارا قدم سنڌ جي امتحاني نظام کي جديد بنيادن تي استوار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. تعليمي بورڊن جي ادارتي سگهه ۾ واڌ ٿيندي، جڏهن ته امتحاني ۽ گورننس سسٽم جي ڊجيٽلائيزيشن سان ميرٽ، شفافيت ۽ مجموعي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي. واضح رهي ته سنڌ حڪومت اڳ ۾ ئي تعليمي بورڊن ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ تحت هن نظام کي وڌيڪ جديد، مؤثر ۽ عالمي معيار مطابق بڻايو ويندو. اجلاس ۾ سيڪريٽري محمد عباس بلوچ، سڄي صوبي جي انٽر، سيڪنڊري ۽ ٽيڪنيڪل تعليمي بورڊن جي چيئرمينن شرڪت ڪئي. ايشيائي ترقياتي بينڪ جي فيڪٽ فائنڊنگ مشن جي نمائندن خرم، مارلا، سمينا ۽ ڊاڪٽر عثمان به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان کان علاوه پراجيڪٽ ڊائريڪٽر رضوان سومرو، ڊپٽي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر لقمان نوهڙي ۽ امتحاني سڌارن جو ماهر عطا حسين لاکو پڻ موجود هئا.