ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيرپور ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي بيهوش ٿيڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڪمشنر سکر، ڊي آءِ جي خيرپور ۽ ضلعي انتظاميا کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته متاثرن کي علاج جون سموريون ممڪن سهولتون فراهم …
سنڌ جي وڏي وزير خيرپور ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي بيهوش ٿيڻ واري واقعي جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب
ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خيرپور ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب ڪيترن ئي ماڻهن جي بيهوش ٿيڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڪمشنر سکر، ڊي آءِ جي خيرپور ۽ ضلعي انتظاميا کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته متاثرن کي علاج جون سموريون ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن، جڏهن ته زهريلي کير جي وڪري ۾ ملوث عنصرن خلاف فوري ۽ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته واقعي جي مڪمل، شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪري ذميوارن جو تعين ڪيو وڃي. ان موقعي تي وڏي وزير کي بريفنگ دوران آگاهه ڪيو ويو ته خيرپور ۾ زهريلو کير پيئڻ سبب 22 ڄڻا بيهوش ٿيا آهن، جن مان 8 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته شاهي بازار، بچل ڪالوني ۽ ڪچي آبادي جي متاثر شهرين کي فوري طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته عوام جي جان ۽ مال سان کيڏندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ۽ قانون موجب سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.












