ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي ۾ هڪ معصوم ٻار جي مبينا اغوا، زيادتي ۽ قتل واري افسوسناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سائوٿ کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ فوري طور طلب ڪري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته معصوم ٻارن خلاف ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته جوابدار جي …
سنڌ جي گهرو وزير پاران ڪراچي ۾ هڪ معصوم ٻار جي مبينا اغوا، زيادتي ۽ قتل واري افسوسناڪ واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب
ڪراچي- 08 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ڪراچي ۾ هڪ معصوم ٻار جي مبينا اغوا، زيادتي ۽ قتل واري افسوسناڪ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سائوٿ کان واقعي بابت تفصيلي رپورٽ فوري طور طلب ڪري ورتي آهي ۽ چيو آهي ته معصوم ٻارن خلاف ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته جوابدار جي گرفتاري بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ جاچ جي عمل تي جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته واقعي جي سمورن پهلوئن جي غير جانبدار، شفاف ۽ ميرٽ تي جاچ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته متاثر خاندان کي هر صورت انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ اهڙن سنگين ڏوهن ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا فرق جي قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته چالان مضبوط شاهدين جي بنياد تي تيار ڪيو وڃي، جيئن جوابدار کي قانون موجب سخت سزا ڏيارڻ ممڪن بڻائي سگهجي. هن شهر ۾ ٻارن جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ۽ نگراني جي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪندي چيو ته معصوم ٻارن خلاف ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. هن ايس ايس پي سٽي کي پڻ هدايت ڪئي ته جاچ جي مرحليوار اڳڀرائي بابت گهرو کاتي کي باقاعدگي سان آگاهه رکيو وڃي.












