سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سان آءِ آئرلينڊ جي هم منصب جي ملاقات

رياض- 08 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان مملڪت جي دوري تي آيل آءِ آئرلينڊ جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ دفاع واري وزير هيلن ميڪنٽي سان جده ۾ ملاقات ڪئي. جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال جي تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران ڌرين خطي ۾ جاري …

رياض- 08 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان مملڪت جي دوري تي آيل آءِ آئرلينڊ جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ دفاع واري وزير هيلن ميڪنٽي سان جده ۾ ملاقات ڪئي. جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي صورتحال جي تازي اڳڀرائي ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران ڌرين خطي ۾ جاري تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ پر امن حل ڳولهڻ ۽ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي وزيرن بحرانن کي منهن ڏيڻ، خطي ۾ استحڪام جي بحالي، آبي گذرگاهن جي حفاظت ۽ جهاز راني جي آزادي کي يقيني بنائڻ لاءِ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻڻ ٻه طرفن لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار کي مضبوط بنائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ته جئين سعودي عرب ۽ آءِ آئرلينڊ وچ ۾ شراڪتداري وڌائي سگهجي ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي.