بيجنگ- 08 جولاءِ (اي پي پي) چين جي اتر اولهه صوبي گانسو جي تانچانگ ڪائونٽي ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ سبب 21 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب لونگنان جي ميونسپل حڪومت پاران اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته ،ٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ جو واقعو لونگنان شهر جي نانهي ٽائون شپ جي رين زانگ گان ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي …
چين ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ سبب 21 ڄڻا اجل جو شڪار
بيجنگ- 08 جولاءِ (اي پي پي) چين جي اتر اولهه صوبي گانسو جي تانچانگ ڪائونٽي ۾ مٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ سبب 21 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب لونگنان جي ميونسپل حڪومت پاران اربع ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ويو ته ،ٽيءَ جون ڇپون ڪِرڻ جو واقعو لونگنان شهر جي نانهي ٽائون شپ جي رين زانگ گان ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 33 ڄڻا ملبي هيٺ دٻجي ويا. واقعي واري هنڌ امدادي ڪاروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن. زخمين کي مقامي اسپتال ۾ علاج فراهم ڪيو پيو وڃي، ريسڪيو اهلڪارن 5 ماڻهن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو آهي، جڏهن ته ٻين متاثرن ۾ 21 ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا آهن. حادثي جي فوري بعد هنگامي امدادي ادارن، فائر برگيڊ ۽ پوليس سميت ريسڪيو ٽيمن کي واقعي واري هنڌ روانو ڪيو ويو، جن امدادي ۽ ڳولا جون ڪاروائيون انجام ڏنيون.












