سنڌ جي گورنر سيد پاران نشانِ حيدر حوالدار لالڪ جان شهيد کي زبردست خراج عقيدت پيش

ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي نشانِ حيدر حوالدار لالڪ جان شهيد جي شهادت واري ڏينهن تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن ڪارگل معرڪي ۾ بيمثال جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد مادر وطن جي دفاع لاءِ آخري ساهه تائين دشمن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ سندس لازوال قرباني …

ڪراچي- 07 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي نشانِ حيدر حوالدار لالڪ جان شهيد جي شهادت واري ڏينهن تي کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن ڪارگل معرڪي ۾ بيمثال جرئت، بهادري ۽ فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته حوالدار لالڪ جان شهيد مادر وطن جي دفاع لاءِ آخري ساهه تائين دشمن جو ڄمي مقابلو ڪيو ۽ سندس لازوال قرباني پاڪ فوج جي عزم، شجاعت ۽ وطن سان وفاداري جو روشن مثال آهي. گورنر چيو ته شهيدن جون عظيم قربانيون هميشه قوم لاءِ فخر جو سبب رهنديون ۽ انهن کي ڪڏهن به وساريو نه ويندو. هن چيو ته سڄي قوم نشان حيدر حوالدار لالڪ جان شهيد کي سلام عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ سندس قرباني هميشه ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه رهندي.