پشاور- 07 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي دهشتگردن خلاف موثر ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز، بلوچستان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق پنهنجي بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رياستي ادارا پوري قوت ۽ پيشيواراڻي صلاحيت …
فيصل ڪريم ڪنڊي پاران زيارت ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش

مزید خبریں
پشاور- 07 جولاءِ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، بلوچستان جي ضلعي زيارت ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن کي ساراهيندي دهشتگردن خلاف موثر ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز، بلوچستان پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر هائوس جي ترجمان مطابق پنهنجي بيان ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رياستي ادارا پوري قوت ۽ پيشيواراڻي صلاحيت سان سرگرم عمل آهن. گورنر زيارت ۾ شهيد ٿيل پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندن قربانين کي قوم ڪڏهن به نه وساريندي. هن چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو ۽ انهن جي مشن کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو، دهشتگرد عنصرن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ وارن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. هن چيو ته بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ دهشتگردن لاءِ ڪا جاءِ ناهي. پاڪستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي ادارا متحد ٿي دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو ڪندا. هن، ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان جي امن، خودمختياري ۽ عوام جي تحفظ لاءِ دهشتگردي خلاف جنگ پوري قوت سان جاري رهندي ۽ رياست جي رِٽ کي چئلينج ڪرڻ وارن عنصرن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.











