سعودي عرب پاران سياحن لاءِ پيڪيج ويزا جو اعلان

رياض- 07 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب، عالمي سياحن لاءِ ملڪ ۾ داخلا جي عمل کي آسان بنائڻ لاءِ هڪ انقلابي ڊجيٽل قدمن وارو پيڪيج ويزا متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت سياحتي ويزا جي درخواستن کي سڌي ريت سفري بُڪنگ سان ڳنڍيو ويو آهي. اختيارين مطابق ان سروس جي شروعات في الحال وسيع تر عالمي لائونچ کان اڳ، چونڊ عالمي مارڪيٽن ۾ منظور ٿيل ٽريول ۽ …

رياض- 07 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب، عالمي سياحن لاءِ ملڪ ۾ داخلا جي عمل کي آسان بنائڻ لاءِ هڪ انقلابي ڊجيٽل قدمن وارو پيڪيج ويزا متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن تحت سياحتي ويزا جي درخواستن کي سڌي ريت سفري بُڪنگ سان ڳنڍيو ويو آهي. اختيارين مطابق ان سروس جي شروعات في الحال وسيع تر عالمي لائونچ کان اڳ، چونڊ عالمي مارڪيٽن ۾ منظور ٿيل ٽريول ۽ ٽوئرازم سروس پرووائيڊرز ذريعي ڪيو پيو وڃي. اهو نظام سعودي عرب جي سفر جي منصوبه بندي لاءِ گهربل مرحلن کي نمايان طور تي گهٽ ڪري ڇڏيندو. هاڻي مسافرن کي فلائٽس، رهائش ۽ انٽري پرمٽ لاءِ ڌار ڌار پليٽ فارمز جو رخ نه ڪرڻو پوندو، پر اهل سياح هاڻي هڪ ئي مربوط عمل ذريعي پنهنجو پورو سفر بُڪ ڪري سگهندا. اهو پليٽ فارم صارفين کي پنهنجي بُڪنگ ۾ ايونٽس جي ٽڪيٽن، مقامي سرگرمين ۽ ٻين سياحتي تجربن کي به آساني سان شامل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو. سعودي سياحت واري وزير احمد الخطيب چيو ته جئين جئين سعودي عرب جو سياحتي شعبو تيز رفتاري سان ترقي ڪري رهيو آهي، پيڪيج ويزا زائرين لاءِ سفر کي وڌيڪ آسان بنائڻ جي اسان جي عزم جي عڪاسي آهي.