بدين - 07 جولاءِ (اي پي پي) تلھار ۾ مير واھ ڪينال ۾ فل گيج موجب پاڻي فراهم نه ڪرڻ ۽ ڪينال جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ مبينا طور پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن مين بدين–حيدرآباد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي آمدرفت بند ٿي وئي. ڌرڻي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اعجاز احمداڻي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ امداد لغاري، حاجي گل حسن …
تلھار ۾ مير واھ ڪينال ۾ فل گيج موجب پاڻي فراهم نه ڪرڻ ۽ ڪينال جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو مين بدين–حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو

مزید خبریں
بدين – 07 جولاءِ (اي پي پي) تلھار ۾ مير واھ ڪينال ۾ فل گيج موجب پاڻي فراهم نه ڪرڻ ۽ ڪينال جي پوڇڙ وارن علائقن ۾ مبينا طور پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن مين بدين–حيدرآباد روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي آمدرفت بند ٿي وئي. ڌرڻي جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اعجاز احمداڻي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ امداد لغاري، حاجي گل حسن لغاري، ايم ڊبليو ايم ضلعي صدر شھزاد علي گاڏاھي ۽ پ ٽ الف جي اڳواڻ سائين محمد بخش لغاري ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن الزام هنيو ته ميرواھ ڪينال ۾ مقرر فل گيج موجب پاڻي فراهم نه ٿيڻ سبب پوڇڙ وارن آبادگارن کي شديد پاڻي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن ڪري فصل سڪڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مير واھ ڪينال ۾ فوري طور مڪمل گيج سان پاڻي ڇڏيو وڃي، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ پوڇڙ تائين پاڻي پهچائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.









