چين جي صدر جو هلندڙ سال سيپٽمبر جي آخر ۾ آمريڪا جو دورو متوقع آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن- 07 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چين جي صدر شي جن پنگ جو هلندڙ سال سيپٽمبر مهيني جي آخر ۾ آمريڪا جو دورو متوقع آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق اها ڳالهه هن اڱاري تي وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي صدر چيو ته منهنجي خيال ۾ چين جو صدر 24 سيپٽمبر تي آمريڪا جو دورو ڪندو.ياد رهي ته …

واشنگٽن- 07 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چين جي صدر شي جن پنگ جو هلندڙ سال سيپٽمبر مهيني جي آخر ۾ آمريڪا جو دورو متوقع آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن مطابق اها ڳالهه هن اڱاري تي وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي صدر چيو ته منهنجي خيال ۾ چين جو صدر 24 سيپٽمبر تي آمريڪا جو دورو ڪندو.ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ 14 ۽ 15 مئي تي چين جو دورو ڪيو هو.