يورپ ۾ ٻيلن جي باهه جي نئين لهر، هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور

پيرس- 07 جولاءِ (اي پي پي) يورپ جي ڏاکڻن حصن ۾ ٻيلن جي باهه جي نئين لهر سبب هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. اختيارين ٽورڊي فرانس جي هڪ مرحلي ۾ تماشائين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته باهه ان علائقي جي ويجهو پهچي چڪي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اڪثر فائر فائٽر ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا …

پيرس- 07 جولاءِ (اي پي پي) يورپ جي ڏاکڻن حصن ۾ ٻيلن جي باهه جي نئين لهر سبب هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن. اختيارين ٽورڊي فرانس جي هڪ مرحلي ۾ تماشائين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته باهه ان علائقي جي ويجهو پهچي چڪي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اڪثر فائر فائٽر ٻيلن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن کي 20 هزار هيڪٽرز (اٽڪل 50 هزار ايڪڙن) کان وڌيڪ ايراضي سڙي وئي آهي. اها باهه پرتگال، اسپين، فرانس، يونان ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ به پکڙيل آهي. باهه سبب گرمي پد ۾ ٻيهر اضافي سبب باهه وڌيڪ شدت اختيار ڪري رهي آهي. اسپين ۾ گرمي پد 43 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته يورپ مئي ۽ جون جي شديد گرمي جي لهر جي اثرن کي اڃان تائين منهن ڏئي رهيو آهي جنهن سبب هزارين فوتگيون پڻ ٿي چڪيون آهن. سائنسدانن مطابق انسانن طرفان فاسل فيول (تيل، گيس ۽ ڪوئلو) ساڙڻ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ موسمياتي تبديلي شديد گرمي ۽ ٻين انتهائي موسمي واقعن جي خطرن ۽ شدت ۾ اضافو ڪري رهي آهي. اختيارين ٻڌايو ته فرانس جي ڏکڻ اولهه شهر پرپينيان ويجهو اٽڪل 10،500 ماڻهن کي پنهنجا گهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جتي فائر فائٽرز پيرينيز جي علائقن ۾ لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان باهه سبب هيستائين 4،600 هيڪٽرز کان وڌيڪ ايراضي سڙي رک ٿي وئي آهي. باهه گهرن کان 300 ميٽرن جي فاصلي تائين پهچي وئي هئي ۽ ايتري تيزي سان پکڙجي وئي هئي ته صورتحال انتهائي خوفناڪ هئي ۽ ماڻهو شديد خوف ۽ هراس جو شڪار ٿي ويا هئا.اي پي پي/ت – س / م – ش / ح – ق 10:30