ڪراچي-06 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي پاڪستان لاءِ ڊويزن ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز وچ ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، نئين ٿيندڙ توانائي، زراعت، هيلٿ ڪيئر، هيومن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ، سوشل پروٽيڪشن ۽ موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو. وڏي وزير جي ترجمان موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته سنڌ …
سنڌ جي وڏي وزير سان انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي پاڪستان ۾ نمائندي جي ملاقات

مزید خبریں
ڪراچي-06 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جي پاڪستان لاءِ ڊويزن ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز وچ ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، نئين ٿيندڙ توانائي، زراعت، هيلٿ ڪيئر، هيومن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ، سوشل پروٽيڪشن ۽ موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر سميت اهم شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو. وڏي وزير جي ترجمان موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت معاشي ترقي، روزگار جي نون موقعن ۽ نجي شعبي جي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن صوبي ۾ عالمي معيار جو ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ ۽ نئين ٿيندڙ توانائي جي منصوبن کي هٿي ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو ته اهي شعبا مستقبل جي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهن.اجلاس ۾ زرعي شعبي کي جديد بڻائڻ، اسٽوريج ۽ پروسيسنگ سهولتن جي واڌاري، ميڪانائيزيشن ۽ ننڍن هارين جي سهائتا بابت به تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ هارين کي گڏيل گروپن جي صورت ۾ سبسڊي وارا ٽريڪٽر فراهم ڪري زرعي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي.هيلٿ ڪيئر ۽ هيومن ڪيپيٽل بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن ۾ غذائي کوٽ (اسٽنٽنگ) جي خاتمي، صحت، تعليم ۽ مهارتن جي واڌاري لاءِ جامع پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته صوبي جو مستقبل صحتمند، تعليم يافته ۽ هنرمند نوجوانن سان جڙيل آهي.آءِ ايف سي جي ڊويزن ڊائريڪٽر سائمن اينڊريوز سنڌ حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا جي ساراهه ڪندي چيو ته آءِ ايف سي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر، نئين ٿيندڙ توانائي، زرعي ڪاروبار، هيلٿ ڪيئر ۽ هيومن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ جهڙن شعبن ۾ ڊگهي مدي واري ڀائيواري لاءِ تيار آهي. اجلاس ۾ نرسنگ شعبي ۾ افرادي قوت جي کوٽ ختم ڪرڻ بابت به غور ڪيو ويو. وڏي وزير چيو ته حڪومت هر سال گهٽ ۾ گهٽ 15 هزار تربيت يافته نرسون تيار ڪرڻ جو هدف رکي ٿي، جنهن سان نه رڳو ملڪ جي ضرورت پوري ٿيندي پر بين الاقوامي روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا.اجلاس دوران موسمياتي تبديلي جي خطرن کي نظر ۾ رکندي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن ۾ ڪلائيميٽ ريزيليئنس کي شامل ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. آءِ ايف سي پنهنجي پائيدار انفراسٽرڪچر ايڊوائزري ٽيم ذريعي ٽيڪنيڪل سهڪار، موسمياتي خطرن جي جائزي ۽ ادارتي صلاحيت وڌائڻ لاءِ مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي.وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن مان آهي، تنهن ڪري هر نئين ترقياتي منصوبي کي موسمياتي لچڪ ۽ موافقت کي نظر ۾ رکي تيار ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن عوامي سيڙپڪاري محفوظ ۽ پائيدار بڻجي سگهي.اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ نجم شاهه، سيڪريٽري ناڻو فيض جتوئي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته آءِ ايف سي جي وفد ۾ مس ناز خان ۽ مس سحر اعتزاز پڻ شامل هيون.










