ڪراچي- 06 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي پورهئي، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته حڪومت جي پهرين ترجيح پورهيتن جي ڀلائي ۽ سندن خاندان کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن سال انتظامي خرچن کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ اڌ ڪيو ويو آهي، پر مزدورن جي فلاحي منصوبن ۽ سهولتن ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آندي …
حڪومت جي پهرين ترجيح پورهيتن جي ڀلائي ۽ سندن خاندان کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي: صوبائي وزير سعيد غني

مزید خبریں
ڪراچي- 06 جولاءِ (اي پي پي)سنڌ جي پورهئي، افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته حڪومت جي پهرين ترجيح پورهيتن جي ڀلائي ۽ سندن خاندان کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته هن سال انتظامي خرچن کي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ اڌ ڪيو ويو آهي، پر مزدورن جي فلاحي منصوبن ۽ سهولتن ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آندي وئي. اهڙو اظهار هن ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جي گورننگ باڊي جي اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس ۾ مالي سال 2026-27ع لاءِ 65 ارب رپين جي سرپلس بجيٽ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ سنڌ اسيمبلي جي پورهئي بابت اسٽينڊنگ جي چيئرمين ايم پي اي ساجد جوکيو، سيڪريٽري محنت سنڌ ساجد جمال ابڙو، سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ سعيد صالح جماڻي، گورننگ باڊي جا ميمبر عبدالجبار، مسعود نقي، همايون نظير، جڏهن ته خاص دعوت تي مزدورن جا نمائندا حبيب الدين جنيدي، ناصر منصور، زهره خان، رحمت شاهه، محمد خان ابڙو، مختيار حسين اعواڻ ۽ عبدالواحد شورو پڻ شريڪ ٿيا. ان کانسواءِ سنڌ روينيو بورڊ ۽ ناڻي کاتي جي نمائندن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.اجلاس دوران ورڪرز ويلفيئر بورڊ سنڌ جي سالياني بجيٽ تي تفصيلي غور ڪيو ويو. بجيٽ موجب آمدني جو ڪاٿو 85 ارب 374 ڪروڙ رپيا ۽ خرچن جو ڪاٿو 21 ارب 101 ڪروڙ 97 لک 40 هزار رپيا لڳايو ويو آهي. آمدني ۾ سنڌ روينيو بورڊ کان 15 ارب رپيا، ورڪرز پرافٽ پارٽيسيپيشن فنڊ جا بقايه 35 ارب رپيا، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ زير التوا وصولين مان 25 ارب رپيا ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اندروني آمدني مان 10 ارب 374 ڪروڙ رپيا شامل آهن. بجيٽ ۾ مزدورن جي ڀلائي لاءِ 17 ارب 50 ڪروڙ رپيا، ترقياتي منصوبن لاءِ 10 ارب 94 ڪروڙ 7 لک 40 هزار رپيا ۽ تعليم لاءِ 7 ارب 1 ڪروڙ 8 لک 25 هزار رپيا مختص ڪيا ويا آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي سيڪريٽري ورڪرز ويلفيئر بورڊ سعيد صالح جماڻي ٻڌايو ته مزدورن جي فوتگي گرانٽ لاءِ 80 ڪروڙ رپيا، ملازمن جي نياڻين جي شادي گرانٽ لاءِ 40 ڪروڙ رپيا، ميرٽ اسڪالرشپ لاءِ 15 ڪروڙ رپيا ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ مزدورن جي ٻارن جي اينڊوومينٽ فنڊ لاءِ 2 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل سالن ۾ اي بائيڪن ۽ سلائي مشينن لاءِ جيڪي فنڊ رکيا ويندا هئا، هن سال انهن ٻنهي مدن لاءِ ڪا به رقم مختص نه ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ پاران ٻن نين گاڏين جي خريداري لاءِ بجيٽ ۾ رقم رکڻ جي تجويز ڏني وئي هئي، پر غير ضروري خرچن کي روڪڻ لاءِ انهن گاڏين جي خريداري جي اجازت نه ڏني وئي. هن چيو ته ماضي ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۽ سوشل سيڪيورٽي اداري (سيسي) کان هر سال ايف بي آر طرفان انڪم ٽيڪس جي مد ۾ ڪروڙين رپيا ڪٽيا ويندا هئا. ان معاملي تي پهرين سنڌ جي وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفاقي وزير نويد قمر وزيراعظم ۽ وفاقي ناڻي واري وزير سان ملاقات ڪري اهو معاملو اٿاريو. نتيجي طور نه رڳو سنڌ، پر ملڪ جي سڀني صوبن جي سيسي ۽ ورڪرز ويلفيئر بورڊن کي انڪم ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو ويو. اجلاس جي آخر ۾ گورننگ باڊي جي ميمبرن صوبائي وزير سعيد غني جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۽ سيسي ذريعي مزدورن ۽ سندن گهرڀاتين کي وڌيڪ بهتر، وسيع ۽ موثر فلاحي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.










