گلگت - 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪشمير، گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ گلگت ۾ منعقد ٿيو. سومر ڏينهن وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران گلگت بلتستان جي سياسي صورتحال، پارلياماني معاملن، ايندڙ حڪمت عملي ۽ عوامي مسئلن تي …
ڪشمير،گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس

مزید خبریں
گلگت – 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ڪشمير، گلگت بلتستان جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام جي صدارت هيٺ گلگت ۾ منعقد ٿيو. سومر ڏينهن وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران گلگت بلتستان جي سياسي صورتحال، پارلياماني معاملن، ايندڙ حڪمت عملي ۽ عوامي مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. شرڪت ڪندڙن عوامي خدمت، ترقياتي منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ ۽ پارٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










