ڪراچي- 06 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻهراڙي جي ترقي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻهراڙي جي ترقي ئي مضبوط، خوشحال ۽ خودمختيار پاڪستان جو بنياد آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ سيڙپڪاري دراصل قوم جي محفوظ ۽ پائيدار مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته هاري، مزدور ۽ ڳوٺاڻي آبادي …
ٻهراڙي جي ترقي ئي مضبوط، خوشحال ۽ خودمختيار پاڪستان جو بنياد آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

مزید خبریں
ڪراچي- 06 جولاءِ(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻهراڙي جي ترقي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ٻهراڙي جي ترقي ئي مضبوط، خوشحال ۽ خودمختيار پاڪستان جو بنياد آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻن علائقن ۾ سيڙپڪاري دراصل قوم جي محفوظ ۽ پائيدار مستقبل ۾ سيڙپڪاري آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڏي وزير چيو ته هاري، مزدور ۽ ڳوٺاڻي آبادي ملڪ جي معيشت ۽ غذائي تحفظ جي ڪرنگهي جي هڏي آهن، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ٻهراڙي ۾ غربت جي خاتمي، روزگار جي موقعن ۽ زرعي ترقي لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. وڏي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڳوٺاڻن علائقن کي وڌيڪ مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته زرعي شعبي جي جديد بنيادن تي ترقي، پاڻي جي بهتر انتظام ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي واڌاري تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ٻهراڙي جي نوجوانن ۽ عورتن کي تعليم، فني مهارت، مالي سهولتن ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته ٻهراڙي وارن علائقن ۾ رستن، صحت، تعليم، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ حڪومت ڀرپور سيڙپڪاري ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻهراڙي ۾ ڪاروبار، ننڍن ۽ وچولي درجي جي ادارن ۽ زرعي ويليو چين جي واڌاري سان معاشي ترقي کي نئين رفتار ملندي. وڏي وزير زور ڀريو ته پائيدار ترقي جي هدفن جي حاصلات لاءِ ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي، سماجي انصاف ۽ ماحولياتي تحفظ کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.آخر ۾ وڏي وزير عزم ورجايو ته سنڌ جي هر ٻهراڙي واري علائقي ۽ شهري کي ترقي، خوشحالي ۽ باوقار زندگي لاءِ برابر جا موقعا فراهم ڪيا ويندا.










