آمريڪا اسان جو واحد اتحادي ناهي پر ڀارت به اسان جو دوست آهي: اسرائيل جو وزيراعظم

واشنگٽن - 06 جولاءِ (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي ان بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته آمريڪا دنيا ۾ اسرائيل جو واحد اتحادي رهجي ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب نيتن ياهو پرڏيهي ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته اسرائيل سفارتي طور …

واشنگٽن – 06 جولاءِ (اي پي پي) اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي ان بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته آمريڪا دنيا ۾ اسرائيل جو واحد اتحادي رهجي ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب نيتن ياهو پرڏيهي ميڊيا سان هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته اسرائيل سفارتي طور تي اڪيلو آهي. نيتن ياهو ڀارت ۽ ان جي 1.4 ارب آبادي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته آمريڪا کان علاوه به اسرائيل جا حمايتي آهن. نيتن ياهو جو چوڻ هو ته مان جي ڊي وينس جو احترام ڪيان ٿو ۽ اسان جي وچ ۾ تمام سٺا لاڳاپا آهن پر ان جو مطلب اهو ناهي ته مان ان جي هر ڳالهه تي اتفاق ڪيان. هن چيو ته اسان جا ڪي ٻيا به دوست آهن جهڙوڪ ڀارت. اوهان کي خبر آهي ته ان جي 1.4 ارب آبادي آهي ۽ اسان کي اتي زبردست حمايت حاصل آهي.

مزید خبریں