سنڌ جي وڏي وزير پاران گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ کي حلف کڻڻ تي واڌايون

ڪراچي-06 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ کي حلف کڻڻ تي دلي واڌايون ڏنيون آهن.پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مدبراڻي قيادت ۽ عوام جي اعتماد جو واضح اظهار آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته امجد حسين ايڊووڪيٽ …

ڪراچي-06 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل وڏي وزير امجد حسين ايڊووڪيٽ کي حلف کڻڻ تي دلي واڌايون ڏنيون آهن.پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي مدبراڻي قيادت ۽ عوام جي اعتماد جو واضح اظهار آهي.سيد مراد علي شاهه چيو ته امجد حسين ايڊووڪيٽ پنهنجي صلاحيت، ايمانداري ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان گلگت بلتستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته گلگت بلتستان جو عوام جمهوري عمل تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي پاڪستان پيپلز پارٽي کي تاريخي مينڊيٽ ڏنو آهي.وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت، جمهوري قدرن ۽ وفاق جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي، ۽ هاڻي گلگت بلتستان ۾ پارٽي جي قيادت ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي نئين دور جي شروعات ڪندي.سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ گلگت بلتستان حڪومت گڏيل سهڪار، قومي يڪجهتي ۽ عوامي مفادن جي منصوبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون. هن زور ڀريو ته گلگت بلتستان جي ترقي دراصل پاڪستان جي ترقي آهي، ۽ ملڪ جي سڀني وفاقي اڪائين جي خوشحالي اسان سڀني جي گڏيل قومي ذميواري آهي. 

مزید خبریں