سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: جهانگير جوڻيجو

حيدرآباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سانگهڙ ضلعي جي جنرل سيڪريٽري جهانگير جوڻيجو چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو هڪ عالمي معاهدو آهي، جنهن کي ڪو به ملڪ هڪ طرفي طور ختم نه ٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. جهانگير جوڻيجو چيو ته پاڻي پاڪستان جي زندگي، زراعت …

حيدرآباد- 06 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي سانگهڙ ضلعي جي جنرل سيڪريٽري جهانگير جوڻيجو چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدو هڪ عالمي معاهدو آهي، جنهن کي ڪو به ملڪ هڪ طرفي طور ختم نه ٿو ڪري سگهي. هن اها ڳالهه ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. جهانگير جوڻيجو چيو ته پاڻي پاڪستان جي زندگي، زراعت ۽ معيشت لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. هن ڀارت طرفان پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي عالمي معاهدن جي ڀڃڪڙي ۽ پاڪستان کي سوڪهڙي جو شڪار ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجن آبي حقن جي تحفظ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج تي مڪمل اعتماد ۽ فخر آهي، جنهن ماضي ۾ به دشمن کي اثرائتو ۽ ڀرپور جواب ڏنو آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت ڪا جارحيت يا چڙ ڏيارڻ واري ڪارروائي ڪئي ته پاڪستان ڀرپور جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.