لاڙڪاڻو - 06 جولاءِ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو آهي. جنهن وٽان هٿيار هٿ ڪيو ويو آ هي. پوليس مطابق پوليس مقابلي دوران ٻنهي طرفن جي فائرنگ ۾ جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي جيڪو پوليس اهلڪار مجيب الرحمٰن سولنگي کي شهيد ڪرڻ ۽ اهلڪار نعمت الله ميمڻ کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جو مک جوابدار هو. مارڪيٽ ٿاڻي …
لاڙڪاڻو پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ ڌاڙيل مارجي ويو، هٿيار هٿ

مزید خبریں
لاڙڪاڻو – 06 جولاءِ (اي پي پي)لاڙڪاڻو پوليس جي مبينا مقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو آهي. جنهن وٽان هٿيار هٿ ڪيو ويو آ هي. پوليس مطابق پوليس مقابلي دوران ٻنهي طرفن جي فائرنگ ۾ جوابدار پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي جيڪو پوليس اهلڪار مجيب الرحمٰن سولنگي کي شهيد ڪرڻ ۽ اهلڪار نعمت الله ميمڻ کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جو مک جوابدار هو. مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ سر ڪٽيو پير واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڌاڙيل آمھون سامھون ٿي پيا.مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ رفيق ولد مور چانڊيو طور ٿي آهي جيڪو ڳوٺ علي اصحابو تعلقي واره ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي رهواسي آهي. مارجي ويل ڌاڙيل سنگين نوعيت جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نامزد هو، حاصل ڪيل معلومات ۽ ڪرمنل ڪارڊ مطابق ڄاڻايل ڌاڙيل سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڪيترن ئي وارداتن/ ڪيسن ۾ ملوث هو،مارجي ويل ڌاڙيل جو ڪرمنل رڪارڊ ۽ سي سي ٽي وي رڪارڊ به سامهون آيو آهي، مارجي ويل ڏوھاري ضلعي سطح جي ڏوھاري گينگ جو اھم اڳواڻ هو.فرار ٿي ويل ڏوھارين جي گرفتاري لاءِ مقابلي واري هنڌ تي سرچ آپريشن جاري آهي.











