واشنگٽن - 06 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ شديد گرمي جي لهر سبب 19 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب نيو جرسي جي صحت کاتي جي ڪمشنر رينارڊ واشنگٽن ٻڌايو ته ڪيترائي متاثر اهڙن گهرن ۾ مئل حالت ۾ مليا جتي ايئر ڪنڊيشننگ جو نظام موجود نه هو، جڏهن ته ٻيا ماڻهو پنهنجن گهرن کان ٻاهر، روڊن تي ۽ بيٺل گاڏين اندر مئل حالت ۾ ڏٺا …
آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ شديد گرمي سبب 19 ڄڻا فوت

مزید خبریں
واشنگٽن – 06 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي رياست نيو جرسي ۾ شديد گرمي جي لهر سبب 19 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا موجب نيو جرسي جي صحت کاتي جي ڪمشنر رينارڊ واشنگٽن ٻڌايو ته ڪيترائي متاثر اهڙن گهرن ۾ مئل حالت ۾ مليا جتي ايئر ڪنڊيشننگ جو نظام موجود نه هو، جڏهن ته ٻيا ماڻهو پنهنجن گهرن کان ٻاهر، روڊن تي ۽ بيٺل گاڏين اندر مئل حالت ۾ ڏٺا ويا. آمريڪي نيشنل ويڌر سروس موجب شديد ۽ خطرناڪ گرمي سبب سڄي آمريڪا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ آبادي وارن علائقن ۾ تنبيهه جاري ڪئي وئي آهي.











