چين ۽ روس جون گڏيل سامونڊي مشقون جوائنٽ سي 2026ع شروع ٿي ويون

بيجنگ - 06 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ روس سومر تي اوڀر چين جي صوبي شينڊونگ جي شهر چنگ دائو ۾ واقع هڪ فوجي بندرگاهه تي گڏيل سامونڊي مشق جوائنٽ سي 2026ع  جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج تي ٻڌل هڪ گڏيل ڪمان به قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي  بحريه جون ٽاسڪ فورسز شامل آهن. اها مشق 3 مرحلن ۾ منعقد ڪئي ويندي …

بيجنگ – 06 جولاءِ (اي پي پي) چين ۽ روس سومر تي اوڀر چين جي صوبي شينڊونگ جي شهر چنگ دائو ۾ واقع هڪ فوجي بندرگاهه تي گڏيل سامونڊي مشق جوائنٽ سي 2026ع  جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب  ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج تي ٻڌل هڪ گڏيل ڪمان به قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي  بحريه جون ٽاسڪ فورسز شامل آهن. اها مشق 3 مرحلن ۾ منعقد ڪئي ويندي جن ۾ فوج جي مقرري، بندرگاه ۾ منصوبا بندي ۽ سمنڊ ۾ عملي مشقون شامل آهن. افتتاحي تقريب کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج ڪمان ۽ حربي هم آهنگي بابت گڏيل مشقون ڪيون.  جڏهن ته گڏيل ڪمان سمنڊ ۾ ٿيل مشقن جي اهم نقطن تي تفصيلي ڳالهيون به ڪيون. ايندڙ مرحلي ۾ شريڪ جنگي سامونڊي جهاز چنگ دائو  ويجهو سامونڊي علائقي ۾ گڏيل نگراني، فضائي ۽ ميزائيل دفاع سميت هٿيارن جي عملي استعمال بابت مشقون ڪيون ويندون.

مزید خبریں