بنگلاديش ۾ برساتن سبب پناهگير ڪيمپن ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ٻارن سميت 8 روهنگيا مسلمان فوت

ڍاڪا- 06 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي ڪاڪس بازار ۾ مون سون جي شديد برساتن سبب مختلف هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ سبب روهنگيا پناهگير ڪيمپن ۾ ترسيل  ٻارن سميت 8 روهنگيا مسلمان فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين ٻڌايو ته ڪاڪس بازار ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا چئن مختلف هنڌن تي ڪيمپن ۾ پيش آيا، جتي مٽي ۽ ڀنجو رهائشي جهڳين تي ان وقت …

ڍاڪا- 06 جولاءِ (اي پي پي) بنگلاديش جي ڪاڪس بازار ۾ مون سون جي شديد برساتن سبب مختلف هنڌن تي لينڊ سلائيڊنگ سبب روهنگيا پناهگير ڪيمپن ۾ ترسيل  ٻارن سميت 8 روهنگيا مسلمان فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اختيارين ٻڌايو ته ڪاڪس بازار ۾ لينڊ سلائيڊنگ جا واقعا چئن مختلف هنڌن تي ڪيمپن ۾ پيش آيا، جتي مٽي ۽ ڀنجو رهائشي جهڳين تي ان وقت اچي ڪريو جڏهن ماڻهو ستل هئا. ڪاڪس بازار پوليس ٻڌايو ته شديد برساتن سبب ٿيل لينڊ سلائيڊنگ سبب 8 ڄڻا فوت ٿي ويا. هڪ ڌار واقعي ۾ ڪاڪس بازار ۾ جبل جو هڪ حصو گهر تي ڪرڻ سبب بنگلاديشي شهري فوت  جڏهن ته ان جي خاندان جا 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا. بنگلاديش جي موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جي خطرن کي نظر ۾ رکندي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

مزید خبریں