اسلام آباد - 05 جولاءِ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي شهرين ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي 5 جولاءِ واري هڙتال جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب آزاد ڄمون ڪشمير ۾ زندگي معمول تي آهي ۽ شهرين هڙتال کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. آزاد ڄمون ڪشمير جي شهرين چيو آهي، ته اهو سڏ ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي پرتشدد ڪارروائين ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي هڪ …
آزاد ڄمون ڪشمير ۾ زندگي جو معمول بحال، شهرين هڙتال کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي شهرين ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي 5 جولاءِ واري هڙتال جي سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب آزاد ڄمون ڪشمير ۾ زندگي معمول تي آهي ۽ شهرين هڙتال کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. آزاد ڄمون ڪشمير جي شهرين چيو آهي، ته اهو سڏ ڪالعدم ايڪشن ڪميٽي جي پرتشدد ڪارروائين ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي هڪ ناپاڪ ڪوشش آهي، عوام ڪوڙن افواهن تي ڌيان نه ڏئي ۽ پنهنجو ڪاروبار معمول موجب هلائي، رياست ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز، سرڪاري ۽ نجي آفيسون ۽ بازارون معمول موجب کليل رهيون. عوام واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو انتشار ۽ گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه جو حصو بڻجڻ بدران امن، استحڪام ۽ ترقي جي سان گڏ بيٺل آهن.











