پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش اڳرائي تصور ڪئي ويندي: صوبائي وزير ڄام خان شورو

حيدرآباد- 04 جولاءِ اي پي پي)  آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ڀارت کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش اڳرائي تصور ڪئي ويندي، جنهن جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڀارت پاڻمرادو هائيڊرولوجيڪل ڊيٽا جي فراهمي ۽ پاڻي …

حيدرآباد- 04 جولاءِ اي پي پي)  آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ڀارت کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش اڳرائي تصور ڪئي ويندي، جنهن جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا، حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته ڀارت پاڻمرادو هائيڊرولوجيڪل ڊيٽا جي فراهمي ۽ پاڻي بابت سهڪار معطل ڪري سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جيڪو خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، هن ماضي  جو حوالو ڏيندي چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان جي قيام کان فوري بعد نئين قائم ٿيل رياست کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پاڻي کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو ويو، پر پاڪستاني قوم پنهنجي ثابت قدمي سان انهن سازشن کي ناڪام بڻايو، ڄام خان شورو سنڌو درياهه جي تاريخي، جاگرافيائي ۽ مذهبي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته هي درياهه نه رڳو مسلمانن پر هندن لاءِ پڻ مقدس حيثيت رکي ٿو جڏهن ته سنڌ صوبي جي سڃاڻپ به سنڌو درياهه سان جڙيل آهي تنهنڪري بين الاقوامي قانون موجب هن درياهه جي ڪنارن تي رهندڙ ماڻهن جو ان جي پاڻي تي پهريون حق آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هميشه سنڌ طاس معاهدي جو احترام ڪندي معاهدي جي دائري اندر ڀارت کي اوڀر وارن درياهن جي استعمال جي اجازت ڏني پر ڀارت وڏي پيماني تي انهن درياهن جي پاڻي جو رخ تبديل ڪيو، جنهن سبب ماحولياتي تباهي، مٺي پاڻي جي وهڪري ۾ گهٽتائي ۽ انڊس ڊيلٽا سميت وسيع زرعي زمينون سخت متاثر ٿيون، هن خبردار ڪيو ته موسمياتي تبديلي اڳ ئي پاڻي جي دستيابي ۾ نمايان گهٽتائي آندي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي باقي بچيل پاڻي جي وسيلن کي نشانو بڻائڻ انتهائي خطرناڪ عمل آهي، جنهن سان درياهي وهڪرن ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي پهچندو، صوبائي وزير چيو ته ڀارت معاهدي تحت لازمي هائيڊرولوجيڪل ڊيٽا جي فراهمي به بند ڪري ڇڏي آهي، جنهن سبب پاڻي جي وهڪري جي نگراني ڏکي ٿي وئي آهي جڏهن ته بين الاقوامي اصولن موجب ڪنهن به باضابطا معاهدي جي غير موجودگي ۾ به گڏيل درياهن جو پاڻي روڪڻ جي اجازت ناهي، جڏهن ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان کي واضح قانوني تحفظ فراهم ڪري ٿو، صوبائي وزير  خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڀارت پاڪستان جي حصي جو پاڻي روڪڻ يا ان جو رخ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان خاموش نه رهندو. سنڌو درياهه جي قدرتي وهڪري ۾ ڪنهن به عملي مداخلت کي اعلانِ جنگ تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان بين الاقوامي فورمز تي ڀاڙڻ بدران پنهنجي قومي مفادن جو ڀرپور دفاع ڪندو، ڇاڪاڻ ته رياست پنهنجي 24 ڪروڙ عوام کي پاڻي کان محروم ٿيڻ جي اجازت نه ڏيندي ۽ پنهنجي پاڻي جي حق ۽ قومي خودمختياري جي تحفظ لاءِ هر ممڪن حد تائين ويندي.

مزید خبریں