لاس اينجلس- 04 جولاءِ اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا پنهنجي نيل گيرلز سوئفٽ آبرويٽري جو مدار بلند ڪرڻ ۽ ان جو عملي مُدو وڌائڻ لاءِ هڪ نئون خلائي مشن ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو. ناسا مطابق ”لنڪ“ نالي روبوٽڪ سروسنگ خلائي جهاز، جنهن کي ڪيٽالسٽ اسپيس تيار ڪيو آهي، نارٿروپ گرومن پيگاسس ايڪس ايل راڪيٽ ذريعي ڏکڻ ماٺي سمنڊ ۾ واقع ڪواجالين ايٽول تان خلا ۾ موڪليو ويو. …
ناسا سوئفٽ آبزرويٽري جو مدار بلند ڪرڻ لاءِ خلائي مشن روانو ڪري ڇڏيو

مزید خبریں
لاس اينجلس- 04 جولاءِ اي پي پي) آمريڪي خلائي اداري ناسا پنهنجي نيل گيرلز سوئفٽ آبرويٽري جو مدار بلند ڪرڻ ۽ ان جو عملي مُدو وڌائڻ لاءِ هڪ نئون خلائي مشن ڪاميابي سان لانچ ڪري ڇڏيو. ناسا مطابق ”لنڪ“ نالي روبوٽڪ سروسنگ خلائي جهاز، جنهن کي ڪيٽالسٽ اسپيس تيار ڪيو آهي، نارٿروپ گرومن پيگاسس ايڪس ايل راڪيٽ ذريعي ڏکڻ ماٺي سمنڊ ۾ واقع ڪواجالين ايٽول تان خلا ۾ موڪليو ويو. اهو راڪيٽ هڪ ترميم ٿيل ايل – 1011 اسٽارگيز جهاز کان اٽڪل 12200 ميٽر جي بلندي تان ڇڏيو ويو، جنهن کان پوءِ هن پنهنجو انجڻ فعال ڪري ”لنڪ“ کي مقرر مدار ۾ پهچايو. ناسا جو چوڻ آهي ته زمين جي هيٺين مدار ۾ موجود خلائي جهاز فضا جي رڳڙ سبب آهستي آهستي پنهنجي بلندي وڃائيندو آهي. تازن سالن ۾ شمسي سرگرمين ۾ اضافي سبب سوئفٽ آبزرويٽري جو مدار اميد کان وڌيڪ تيزي سان گهٽ ٿي رهيو هو. ان ئي مقصد لاءِ ناسا گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڪيٽالسٽ اسپيس سان آبزرويٽري جو مدار بلند ڪرڻ جو معاهدو ڪيو هو. ڪمپني هڪ سال کان به گهٽ وقت ۾ ”لنڪ“ کي ڊزائن، تيار، آزمائش ۽ لانچ ڪيو، جيڪو سوئفٽ آبرويٽري سان گڏجي ان کي پڪڙيندو ۽ وڌيڪ بلند مدار ۾ منتقل ڪندو.











