لاڙڪاڻو-03 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 20 جوابدار گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ضلعي پوليس جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدري ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش اسد جتوئي کي 1050 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. وليد ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي …
لاڙڪاڻو پوليس جون ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون، 20 جوابدار گرفتار ، هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ
لاڙڪاڻو-03 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي 20 جوابدار گرفتار ڪري سندن وٽان هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ ضلعي پوليس جي ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حيدري ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش اسد جتوئي کي 1050 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. وليد ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن نوشاد شيخ ۽ بهادر شيخ کي ٻن پسٽلن ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. علي گوهر آباد ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش عاطف دايو کي 10 ڪلو ڀنگ سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. باڊھ ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن گهربل جوابدارن شفيق ابڙو، عزيز ڀٽي، صديق ڏهوٽ سميت ٻن گٽڪا جي ڊيلرن ڇٽل ڏهوٽ ۽ حفيظ سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. يونيورسٽي ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي غير قانوني طريقي سان گڏهن جي گوءِ لڳائيندڙ 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.











