لاڙڪاڻو-03 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رائيس ڪئنال لوهي پل واري علائقي ۾ مبينا طور موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ وين ڊرائيور نظير چانڊيو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته هٿيار بند فرار ٿي ويا، جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي مبينا زخمي ٿيل …
لاڙڪاڻو جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رائيس ڪئنال لوهي پل واري علائقي ۾ مبينا طور موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ، وين ڊرائيور گوليون لڳڻ سبب زخمي
لاڙڪاڻو-03 جولاءِ (اي پي پي) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد رائيس ڪئنال لوهي پل واري علائقي ۾ مبينا طور موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ وين ڊرائيور نظير چانڊيو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته هٿيار بند فرار ٿي ويا، جنهن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي مبينا زخمي ٿيل پورهيت جي ڀاءُ شبير چانڊيو الزام لڳايو ته منهنجو ڀاءُ نظير حسين چانڊيو وين ڪڍي روزگار جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هيو ته رائيس ڪئنال لوهي پل وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چئن هٿياربندن سندس مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هو زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي علائقي واسين کڻائي اسپتال پهچايو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ڀاءُ مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.











