واشنگٽن-03 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ- ڀارت جنگ ۾ جهازن جي ڪِيرائڻ جو ذڪر ڪري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جا ڦٽ ٻيهر تازا ڪري ڇڏيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آمريڪي صدر واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گذريل سال ٿيل جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ دوران 11 جهاز تباهه ٿيا، جڏهن ته …
آمريڪي صدر مودي جا ڦٽ ٻيهر تازا ڪري ڇڏيا، پاڪ- ڀارت جنگ دوران 11 جهاز تباهه ٿيا هئا: ٽرمپ جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
واشنگٽن-03 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ- ڀارت جنگ ۾ جهازن جي ڪِيرائڻ جو ذڪر ڪري ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جا ڦٽ ٻيهر تازا ڪري ڇڏيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب آمريڪي صدر واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ گذريل سال ٿيل جنگ جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ دوران 11 جهاز تباهه ٿيا، جڏهن ته وقت سر سفارتي ڪوششن سبب هڪ امڪاني ايٽمي ٽڪراءُ کي به ٽاريو ويو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ انتهائي خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪي هئي، جڏهن ته جنگبندي جي ڪوششن جي نتيجي ۾ لکين نه پر تقريبن 3 ڪروڙ ماڻهن جون جانيون امڪاني تباهيءَ کان محفوظ رهيون. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم به ان سان ڳالهين ۾ ان مؤقف جي تائيد ڪندي چيو ته جنگ رُڪڻ سان ڪروڙين انسانن جون زندگيون بچي ويون.











