پشاور-03 جولاءِ (اي پي پي) فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل ايڊيشنل ايس ايڇ او زيت الله ۽ ايليٽ فورس جي جوان نور زيب جي جنازي نماز پوليس لائن غلنئي ۾ مڪمل سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي. مهمند پوليس جي ترجمان موجب جنازي نماز ۾ ڊي پي او مهمند رضا محمد، ڪمانڊنٽ ايم آر عاصم محمود، قومي اسيمبلي ميمبر ساجد خان، ايس …
دهشتگردن جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پوليس جوانن جي جنازي نماز پوليس لائن غلنئي ۾ ادا

مزید خبریں
پشاور-03 جولاءِ (اي پي پي) فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي حملي جو بهادريءَ سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل ايڊيشنل ايس ايڇ او زيت الله ۽ ايليٽ فورس جي جوان نور زيب جي جنازي نماز پوليس لائن غلنئي ۾ مڪمل سرڪاري اعزاز سان ادا ڪئي وئي. مهمند پوليس جي ترجمان موجب جنازي نماز ۾ ڊي پي او مهمند رضا محمد، ڪمانڊنٽ ايم آر عاصم محمود، قومي اسيمبلي ميمبر ساجد خان، ايس پي انويسٽيگيشن زاهد عالم خان، ايس پي سي ٽي ڊي قاضي عصمت، اي ڊي سي افتخار احمد ۽ ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽرز لياقت علي سميت پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن، جوانن ۽ شهيد ٿي ويلن جي وارثن ۽ علائقي جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پوليس جي چست جٿي شهيدن کي سلامي پيش ڪئي. ڊي پي او مهمند رضا محمد، ڪمانڊنٽ ايم آر ۽ اي ڊي سي مهمند شهيدن جي تابوتن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ انهن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دُعا ڪئي. ياد رهي ته رات دير سان فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي دوران ٻنهي جوانن بهادريءَ سان مقابلو ڪري شهادت ماڻي.











