اسرائيل آمريڪا سان ڳالهين دوران ايراني عهديدارن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو: آمريڪي اخبارن جو انڪشاف

نيويارڪ-03 جولاءِ (اي پي پي) ناليوارين آمريڪي اخبارن نيويارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبنديءَ لاءِ ڳالهين دوران اسرائيل ايراني عهديدارن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، جڏهن ته آمريڪا وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ذريعي ايران کي ان خطري کان آگاهه ڪيو هو. نيويارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب آمريڪي عملدارن نالو ظاهر نه …

نيويارڪ-03 جولاءِ (اي پي پي) ناليوارين آمريڪي اخبارن نيويارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبنديءَ لاءِ ڳالهين دوران اسرائيل ايراني عهديدارن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو، جڏهن ته آمريڪا وچ اوڀر جي ٻين ملڪن ذريعي ايران کي ان خطري کان آگاهه ڪيو هو. نيويارڪ ٽائمز ۽ واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ موجب آمريڪي عملدارن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻُڌايو ته اسرائيل ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ملڪ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف جيڪو ايران جي پارليامينٽ جو اسپيڪر پڻ آهي، کي قتل ڪرڻ جو ارادو رکندا هئا. پرڏيهي ميڊيا موجب واشنگٽن پوسٽ کي آمريڪي عملدارن ٻُڌايو ته انهن جي خيال ۾ اسرائيل آمريڪا سان ڳالهيون ڪندڙ ۽ عمليت پسند ماڻهن کي مارڻ چاهيو ٿي. نيويارڪ ٽائمز سان ڳالهين ۾ آمريڪي عملدارن چيو ته آمريڪا وچ اوڀر جي ملڪن کي چيو ته هو ايران کي ان اسرائيلي خطري کان خبردار ڪن. اسرائيل علائقائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڳالهين کي پٽڙيءَ تان لاهڻ جي ڪوششن ۾ ڳالهيون ڪندڙن کي نشانو بڻائڻ جو ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪري چڪو آهي. ان جو هڪ واضح مثال گذريل سال آڪٽوبر ۾ اسرائيلي فوج جو دوحه ۾ ڪيل حملو آهي، جنهن ۾ اسرائيل سان جنگبنديءَ جي تجويزن جو جائزو وٺڻ دوران فلسطيني نمائندن کي نشانو بڻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي هئي.