غزه-03 جولاءِ (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 73074 ٿي ويو، هڪ لک 73537 ڄڻا زخمي ٿيا. پرڏيهي ايجنسي موجب غزه جي مقامي صحت جي عملدارن ٻُڌايو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي حملن سبب 24 ڪلاڪن ۾ غزه جي اسپتالن ۾ 4 شهيدن جا لاش آندا ويا، جن مان 2 ڄڻن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا، جڏهن ته 12 زخمين …
غزه ۾ اسرائيلي حملن سان شهيدن جو انگ 73074 ٿي ويو: عملدار

مزید خبریں
غزه-03 جولاءِ (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 73074 ٿي ويو، هڪ لک 73537 ڄڻا زخمي ٿيا. پرڏيهي ايجنسي موجب غزه جي مقامي صحت جي عملدارن ٻُڌايو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي حملن سبب 24 ڪلاڪن ۾ غزه جي اسپتالن ۾ 4 شهيدن جا لاش آندا ويا، جن مان 2 ڄڻن جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا، جڏهن ته 12 زخمين کي به اسپتال منتقل ڪيو ويو. صحت جي عملدارن موجب گذريل سال 11 آڪٽوبر کان لاڳو جنگبنديءَ کان پوءِ هن وقت تائين 1059 فلسطيني شهيد ۽ 3429 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 788 لاش مختلف علائقن مان هٿ ڪيا ويا آهن. عملدارن چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن جا لاش اڃا تائين ملبي هيٺان ۽ روڊن تي ڦاٿل آهن جڏهن ته ايمبولينس ۽ سول ڊفينس جون ٽيمون مسلسل حملن ۽ ڏُکين حالتن سبب انهن تائين رسائي حاصل نه ڪري رهيون آهن.











