ال نينو دنيا جي اڪثر خطن ۾ جولاءِ ۽ سيپٽمبر مهينن وچ ۾ شديد موسمي صورتحال جو سبب بڻجي سگهي ٿو: ڊبليو ايم او

 گڏيل قومون _ 3 جولاءِ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي موسمياتي اداري (ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن) جمعي ڏينهن خبردار ڪندي چيو آهي ته عالمي ميڊيا مطابق ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن چيو آهي ته ماٺي سمنڊ ۾ ال نينو پهريان کان ئي ٺهي چڪو آهي ۽ ان جي طاقت ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. اداري مطابق ال نينو مرڪزي ۽ اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ ڪجهه حصن  ۾ هر 2 …

 گڏيل قومون _ 3 جولاءِ (اي پي پي ) گڏيل قومن جي موسمياتي اداري (ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن) جمعي ڏينهن خبردار ڪندي چيو آهي ته عالمي ميڊيا مطابق ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائيزيشن چيو آهي ته ماٺي سمنڊ ۾ ال نينو پهريان کان ئي ٺهي چڪو آهي ۽ ان جي طاقت ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي. اداري مطابق ال نينو مرڪزي ۽ اوڀر ماٺي سمنڊ ۾ ڪجهه حصن  ۾ هر 2 کان 7 سالن بعد سامونڊي سطح جي گرمي پد ۾ ٿيندڙ اضافو آهي جيڪو آس پاس جي علائقن ۾ هلندڙ هوائن  جي دٻاءَ ۽ برسات جي طريقن ۾ تبديلين جو سبب بڻجي ٿو. ان جو اثر عام طور تي 9 کان 12 مهينن تائين برقرار رهندو آهي . ڊبليو ايم او مطابق هن سال ال نينو جي شدت  جولاءِ کان سيپٽمبر دوران چار مان ٽي درجي تائين پهچڻ جو امڪان آهي . اهو سوڪهڙو ۽ ڳري برسات جي امڪان کي تيز ڪندو ۽ ڪيترن ئي خطن ۾ ايندڙ زميني ۽ سامونڊي هيٽ ويو جي خطرن کي وڌائي ڇڏيندو . ڊبليو ايم او چيو آهي ته هو تيارين جي رهنمائي ۾ مدد لاءِ خاص طور تي زراعت ۽ صحت جهڙي موسمياتي حساس شعبن ۾ شروعاتي خبرداري ۾ مدد کي وڌائي رهيو آهي . ال نينو سبب 60 ڊگري ڏکڻ ۽ 60 ڊگري اتر وچ ۾ وڌيڪ زميني علائقن ۾ گرمي پد جي شرح کان وڌيڪ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جيڪا قطبي علائقن کان ٻاهر اٽڪل سمورين آبادي وارن علائقن جو احاطو ڪري ٿي . ال نينو جي اثر هيٺ ڏکڻ اولهه آمريڪا  جي ڪجهه حصن ۾ معمول کان وڌيڪ برسات ۽ ننڍي کنڊ پاڪ _ هند ۽ آسٽريليا جي ڪجهه حصن ۾ معمول کان گهٽ برسات ٿي سگهي ٿي.